774ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(774ء کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ جو مشھور ۽ برک شاعر سگھڙ سرائي حسين خان ديدڙ عرف

        حسين فقير ديدڙ
            اديب، شاعر، مفڪر، دانشور، ۽ ليکڪ، يا وري سياستدان سماج جا انتھائي ذميوار ۽ انتھائي پڙھيل لکيل، سلجھل سمجھل ۽ پنھنجي وقت جا ھڪ سٺا علمدان سڏيا ويندا آھن. ۽ ھو ھڪ سماج جا انتھائي ذميوار فرد ھوندا آھن. جيڪي پنھنجي قوم کي ھڪ اُتساھ ۽ ھڪ جنون پيدا ڪندا آھن.
          سماج ۾ تمام سٺا شعبه  آھن. پر شاعري وارو شعبو سڀني کان مٿائون آھي. ڇو جو شاعر سماج جي ھليل طرز ماحول کي نظر ۾ رکي ڪري شاعري ڪندا آھن. ۽ ھو اھو به ظاھر ڪندا آھن ته ھن سماج ۾ ڇا وھي ۽ واپرئجي ٿو. 
    ۽ ھو پنھنجي شاعري وسيلي ھر عام يا خاص ماڻھن تائين پنھنجو پيغام پھچائيندا آھن. ۽ ھو قوم کي سڌاري طرف وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندا آھن. ۽ شاعر پنھنجي خيالن جو اظھار پنھنجي شاعريءَ وسيلي ڪندو آھي. ۽ شاعر اديب ذھني طور تي ھڪ آزاد ۽ خودمختيار  خيالن جو مالڪ ھوندو آھي. ۽ حقيقت م شاعري ادب جو انتھائي اھم ۽ وسيع شعبو آھي. جنھن ۾ شاعر پنھنجي سماج، دنَوي دينوي، ۽ ان وقت جي ھلندڙ مسئلن کي شاعري وسيلي ظاھر ڪندو ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي.
          سرائي حسين فقير ديدڙ 1803ع ڳوٺ ديدڙ ۾ سرائي واحد بخش خان ديدڙ  جي گھر ۾ جنم ورتو  ۽ سندس ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ سندس ننڊپڻ کان ذھين ھوشيار ھو. سندس تعلق وڏيرڪي گھر سان ھو. سرائي واحد بخش خان ديدڙ پنھنجي تر جوءِ جو مڃيل ۽ ھڪ وڏو ذميدار شخص ھو.  سندس پنھنجي زماني جو ھڪ شاعر ۽ بزرگ صحبت سان تعلق رکندڙ  شخصيت ھئي. ۽ سندس تيز طبيعت مزاج شخص ھو. سندس کي ٽي 3 پٽ ھئا. سرائي حسين ديدڙ، سرائي سجاول خان ديدڙ، سرائي قادربخش خان ديدڙ، ۽ سندس وڏو پٽ سرائي حسين فقير ديدڙ ھو. ۽ سرائي حسين فقير جون ٻه شاديون ٿيل ھيون.  پھرين مان سندس کي اولاد نه ھئي. ۽ ٻئي گھرواري مان ھڪ نياڻي ۽ ھڪ پٽ جي اولاد ھيس. پنھنجي  شروعاتي زندگي ميرن جي دور م حڪومت طرفان سندس ٖٖ”ڪاردار“ ھو. سندس پاڻ پنھنجي ڳوٺ جو پڳھدار ھو. ۽ سندس تر جو وڏو ذميدار ھو. ۽ سندس رُعب نه روڳو پنھنجي ڳوٺ ديدڙن تائين محدود ھو. پر ضلعي کان ٻاھر به چڱي خاصي ھلندي ھيس. ۽ سندس تر جو مڃيل ذميدار ھو. سندس عمر جو پھريون حصو سرڪاري نوڪري م گذريو ۽ باقي عرصو درس تدريس ۽ فقيريءَ ۾ گذريس. ھڪ ڀيري جي ڳالھ آھي ته گھوڙيءَ تي چڙھي زمينون ڏسڻ ٿي ويو.  نوڪر کي مٿي تي ”چلم “ ھئي جا ھُن پئي ڇڪي نوڪر کي اوچتو ٿاٻو آيو. ۽ مٿي تان چلم ڪِري پيس. خوف مان نوڪر کان ”پيشاب“ وھي ويس. ۽ نوڪر جي جان ٿڙڪڻ لڳس. ۽ نوڪر کان پڇائين ته ڇو ٿو ڏڪين؟ نوڪر وراڻيو ته سائين اوھان کان ڍڃان ٿو. ۽ انھن لفظن حسين جي دل تي نھايت  گھاٽو ۽ گھرو عصر ڇڏيو. خيال ڪيائين ته ھي مون انسان کان ايترو ڊڄي ٿو؟ ۽ ليڪن آءُ پنھنجي حقيقي پلڻھار ٻنھي جھانن جي مالڪ حقيقي کان ايترو به نٿو ڊڄان؟ اتي جو اتي گھوڙيءَ تان لھي سڌو جو سڌو مسجد شريف ۾ ويو ۽ گھر چورائي موڪليائين ته اڄ کان مون کي ماني ٽڪر مسجد ۾ ڏياري موڪلندا ڪريو. ٻئي روايت موجب ته ھڪ دفعي اَنَ جي بَٽئي ڪرڻ ٻني تي ويو. ليکي چوکي سمجھڻ بعد ۾ ڪڙميءَ جو سمورو اَنَ  چڪتو ڪري ورتائين جڏھن ڪڙمي پنھنجي لاءِ ڪاري وارا ڪک ڏٺا تڏھن دل ڀرجي آيس ۽ لڙڪ لڙي پيس.  جيئين پڇئينس ته ايئن ڇو؟ چيائين ته سائين ٻچن جو گذر ڪيئن ٿيندو؟ 

بس اھا ئي گھڙي ڄمي ويو ! دل کي فقيري جو اھڙو ڌڪ لڳس جو اتي جو اتي حڪم ڪيائين ته اَنَ موٽائي ڏيوس. ڏينھن اھو ئي وري نه بٽئيءَ تي نه ويو. روايتن موجب ان وقت حسين فقير کي گوشه نشين ڏسي. ڀر وارا ذميدار ۽ ڪڙمي زور وٺي ويا. ايتري قدر جو. حسين فقير جي واھ مان (ڏاڪڻ ذات جا ) فرد زوران زور پاڻي واھڻ لڳا آخر حسين فقير جي ڪڙمين وٽس دانھن آندي ته سائين اوھان ته فقيري پاتي پر اسان جو به ته ڪو بِلو ڪيو؟ ڏاڪڻ سڀ پاڻي کنيو ٿا وڃن. اسان کي چُڪي به نصيب نه ٿي ٿئي. جڏھن ڪڙمين گھڻو تنگ ڪيائونس تڏھن ڏاڪڻ ذات کي ھڪل ڪري چيائين: ڏاڪڻ ڏاڙھي چار. چارئي ڪڊيائونس چوڙ ڪون. قدرت ڪريم جي. جو اھي چارئي ڀائر ھڪٻئي پٺيان مري کپي ويا. ڪن روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ٿو ته ڏاڪڻ ھارين کي ڀر وارن زميدارن جو اشارو ھو. انھن کي حسين فقير ابليس ٿو سڏي. ڏاڪڻ ڏاڙھي ڇا- اٿس اڇارو ابليس جو فقير صاحب جي خاص دوستي مرحوم فتح محمد لاھوري سان ھئي ۽ مرحوم لاھوري وڏي ھلندي وارو ھو. ۽ حسين فقير کي پنھنجي زمينن کي آباد ڪرائڻ لاءِ واھ کپندو ھو. ۽ حسين فقير لاھوري صاحب ڏي خط لکيو. خط پھچڻ جي دير ھئي ڪم کڙي ٿڙي تي ويو.

        سندس شاعري سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ ٿيل اٿس ۽ سرائڪي زبان جو پختو شاعر ٿي گذريو آھي. 

سندس لاثاني شاھڪار سسئي پنھون تي شاعري به تمام سٺي ٿيل اٿس. حسين فقير جو ڪلام معنيٰ جا موتي آھن. جي اوندھ جو اوجر آھن. جيڪڏھن انسان ھڪوار سچي دل سان سندس ڪلام پڙھندو ته ازخود دنيا جي بقا وٽن کي وساري ڇڏيندو. سندس ڪلام جو فقط ھڪ ئي موضوع ٿي سگھي ٿو. نصيحت ۽ نصيحت! عوام کي اخلاقي ڇينڀ به ڪندو رھي ٿو. شرڪ ڪلام ۾ عاجزي ۽ انڪساريءَ جو عنصر البت ججھو نظر اچي ٿو ڪٿي.به پاڻَپُڻي جي مام نٿو ھڻي ھر وقت رب العزت جي درگاھ م عبوديت جو سجدو ڪندي نظر ٿو اچي. نفس جي شڪايت ۽ گناھن جي حڪايت پڌري پٽ ڪندو رھي ٿو. انسان کي پنھنجي اصلي خاڪي جسم ڏانھن متوجه ڪري ٿو. ۽ دنيا کي در گذر سمجھي ٿو.

          ٻئي طرف ھڪ قوم پرست، قوم دوست ۽ پنھنجي ڌرتي سان محبت به تمام گھڻي ھُيس. ڇو جو جيڪو ماڻھو پنھنجي قوم ۽ ديس جي سورن تڪليفن ۽ ناانصافين کان لاتعلق رھي ٿو. ان جو مذھب اونو مڪاري قابليت خود غرضي ۽ شرافت ناٽڪ آھي.

قوم ۽ ديس جو اُونو انسانيت جي نشاني آھي. ۽ سندس انگريز جڏھن آيو ته سندس ان جي خلاف پنھنجي قلم جو سھارو وٺي ان انگريز سامراج جي حڪومت خلاف پنھنجي شاعريءَ وسيلي جنگ جوٽي. ۽ سندس انگريز خلاف (شھرِ آشوب) لکيائين جنھن جون آءُ ڪجھ سِٽون ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو. حاڪم سخت فرنگي آيا، ھر جاءِ ھوڪا ھڪ ڦرايا، محبت ساءَ مزي مُڪلايا، ڦيري رب رنان دي ڪايا، ٻانھي، ڇيني سڀ سڌايا، جيھا گولا، تيھا خانَ

      جاڳي حرڪت، وچ جھانَ،
   چارئي کر ڳئي، دُرس دوڪان،

۽ فقير صاحب جي ماڻھن جا چار قسم ٺھرائي چوي ٿو ته انھن چئني قسمن جي ماڻھن جا دڪان کري ويا. اڳ جتي انصاف ھمدرديءَ ايمانداري ھئي اتي سچ پئي واڪا ڪري! ڇو؟

       تنھن جو سبب غير جي حڪومت (انگريزن) ڪري ٿيو آھي.

سائين جن انگريز جي حڪومت کان بيداري ظاھر ڪئي آھي. انگريز خلاف پنھنجي قوم کي اُتساھ ڏياري ٿو. ۽ ھر جاءِ تي انگريز جي سازش کي ناڪام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيون اٿن. ۽ فقير سائين جيڪو شھر آشوب لکيو اٿن ان مان به قوم کي تمام گھڻو اُتساھ بخشو اٿن. ۽ ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته فقير صاحب جو شھر آشوب پھرين مھاڀاري لڙائي بعد جيڪو بحران ھندستان اندر پيدا ٿيو ۽ حڪومت پيرن، سيدن، آفيسرن ۽ وڏيرن جي ذريعي ” امن سڀائون “ ٺاھي، قومي جاڳرتا کي ختم ڪرڻ گھريو، انھيءَ وقت ھي ”شھر آشوب“ ھڪ ڀيرو وري غصي جي اظھار طور سنڌ اندر 1923ع کان اڳ مشھور ٿيو.

    ڳوٺ ديدڙ صدين کان علم، درس، تدريس، پوءِ اُُھو علم ديني يا وري دُنوي علم ڇو نه ھجي ان جو مرڪز رھيو آھي. 
  ڪن روايتن موجب ته

ٽالپرن جي عھد حڪومت لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ نَوَ 9 وڏا مدرسا ھئا.

        مدرسو سوريه پدر لاڙڪاڻو. 1720 ع، خير محمد آريجا ڏوڪري.  1722 ع، ملا ابڙا ڏوڪري. 1756ع، گاجي کھاوڙ وارھ. 1790 ع، ميروديرو لاڙڪاڻو.1802ع، ٻير شريف قمبر. 1806ع، سونو جتوئي لاڙڪاڻو. 1822ع، ميروخان. 1827ع، ۽ ديدڙ قمبر. 1842ع،
1842ع ۾ حسين فقير ديدڙ پنھنجي مدرسي ۾ تعليم ڏيندو رھندو ھو.

۽1260ھ مطابق 1844 ع ۾ حسين فقير ديدڙ مسجد شريف ٻيھر ٺھرائي جتي ھو پوين پساھن تائين تعليم ڏيندو رھيو.

     حسين فقير ديدڙ جي لکيل مواد کي سھيڙي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ادبي بورڊ مان ڇپرائي منظرِ عام تي پھريون ڇاپو 1971 ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1992 ع ۾ آندو. 
     حسين فقير ديدڙ جي وفات 1290ھ مطابق 1873 ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ديدڙ ۾ ٿي ۽ سندس جي آخري آرام گاھ پنھنجي مسجد ۽ مدرسي ڀرسان قبرستان ۾ واقع آھي.

آڪاش انقلاب ديدڙ

جنوري[سنواريو]

فيبروري[سنواريو]

مارچ[سنواريو]

اپريل[سنواريو]

مئي[سنواريو]

جون[سنواريو]

جولاءِ[سنواريو]

آگسٽ[سنواريو]

سيپٽمبر[سنواريو]

آڪٽوبر[سنواريو]

نومبر[سنواريو]

ڊسمبر[سنواريو]

770ع جو ڏھاڪو
770ع · 771ع · 772ع · 773ع · 774ع · 775ع · 776ع · 777ع · 778ع · 779ع