ڪراچي ايئر فورس عجائب گھر
(ڪراڃي ائير فورس ميوزيم کان چوريل)
پاڪستان ايئر فورس عجائب گھر پي اي ايف بيس شاهراھ فيصل ڪراچي جي ويجھو آهي. ان ميوزيم جو افتتاح 14 آگسٽ 1997ع ۾ چيف آف ايئر اسٽاف عباس خٽڪ ڪيو هو. ھي هڪ تمام بهترين ۽ پرسڪون تفريح گاھ آهي، جتي پاڪستاني نوجوانن جي ملڪ جي خدمت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. اسڪول ۽ ادارا هتي پنهنجي شاگرن ۽ ملازمن کي ٽوئر ڪرائڻ لاءِ وٺي ايندا آھن. هن خوبصورت ۽ دل افروز پارڪ ۾ ڪينٽين پڻ آهي جتي فاسٽ فوڊ مان لذت وٺي سگهجي ٿي.