ڪاڪ، طعام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪارنو، طعام کان چوريل)
ڪاڪ يا ڪارنو

ڪاڪ(انگريزي: Kak ) يا ڪارنو(انگريزي: Karnu ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي قلات شھر جو ھڪ مشھور روايتي طعام آھي. جيڪا ھڪ نمڪين يا مٺي ماني آھي. مٺي ماني ٺاھڻ لاء اٽو کير ۽ کنڊ سان ۽ نمڪين ماني ٺاھڻ لاء پاڻي ۽ لوڻ سان ڳوھي ان جو پيڙو ٺاھي 20 منٽن تائين رکبو آهي. پوء ان پيڙي کي ھٿن سان گول ٺپي ماني وانگر ڦھلائي ھڪ گول لسي پٿر جي چوڌاري رکي ماسيري کل وانگر چاڙهبو آھي. پٿر پورو ان اندر ڍڪجي ويندو آهي. پوء باھ يا ٽانڊن ڀرسان سر تي رکي تيز تپش ۾ 90 منٽن تائين پچائبو آھي. ان کي گول ڦيرائبو رھبو آھي تہ جيئن ھر پاسي کان پچي وڃي. جنھن بعد وڏو سوراخ ڪري ان مان پٿر ڪڍي ڇڏبو آهي اھڙي طرح مٺي يا نمڪين ماني جو گول کوپو کائڻ لاء تيار ٿيندو آهي جنھن مان گرھ پٽي کائبو آهي.

حوالا[سنواريو]