ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي
سياستدان
ذاتي تفصيل
پيدائش 25 ڊسمبر 1889
حيدرآباد، سنڌ
وفات 1947
بمبئي
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس


ڊاڪٽر چوئٿرام پرتابراءِ سنتداس گدواڻي(انگريزي: Dr. Chuathram Partabrai Suntdas Gidwani)ڊاڪٽر چوئٿرام 25 ڊسمبر 1889ع تي، حيدرآباد شهر ۾، گدواڻي گهٽيءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ڀر واري سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي تعليم هيرانند اڪيڊميءَ ۾ وٺي، 1908ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪيائين جنھن بعد دادو ضلعي جي ڳوٺ بوبڪن تعلقي سيوهڻ جي مڊل اسڪول ۾ اچي ماستري ڪرڻ لڳو، ۽ اُتي سال کن ماستر رهيو. پوء اسڪالر شپ وٺي، حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾، 1909ع ڌاري، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ويٺو.ڊاڪٽر صاحب اصل کان هندي ٻوليءَ جي فائدي ۾ هو ان ڪري سوامي ستيه ديو سان سنڌ جي دوري وقت، هندو سڀيتا کي زور وٺائڻ لاء ناگري پرچارڪ سڀائون کولارائڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. انهيءَ واسطي "سنڌ ڀاسڪر" اخبار ۽ "هندو" اخبار، ديوناگريءَ ۾، برهمچاري آشرم مان ڪڍڻ لڳا. "هندو" اخبار پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجڻ لڳي[1]. آخر، سنه 1913ع ۾، حيدرآباد اسڪول مان ايل. سي. پي. ايس جو امتحان ڏنائين. پهرين کيس حيدرآباد ضلعي جي هڪ تعلقي ۾ ڊاڪٽر ڪري رکيو ويو. اتي هن ڳوٺاڻن جي گهڻي خدمت ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڊاڪٽر ڪري رکيو ويو، جتي هن قيدين جي گهڻي خدمت ڪئي. اتي هو انقلابي ۽ قومي خيال رکندڙ سياسي قيدين سان لهه وچڙ ۾ آيو.[1].

سياسي زندگي[سنواريو]

1915ع ۾، ڊاڪٽر صاحب نوڪريءَ کان آزاد ٿي سياسي زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ لڳو. پهريون دفعو، 1916ع ۾، آل انڊيا ڪانگريس جي لکنوءَ واري امبڪاچرن مزمدار جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿيل اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويو، جنهن ۾ سنڌ مان ريئس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، شري جيرامداس دولترام ۽ ٻيا ڪيترا صاحب عيوضي ٿي ويل هئا.1919ع ۾، جيڪب آباد سنڌ ۾ صوبه سنڌ پوليٽيڪل ڪانفرنس مسٽر جمشيد نسروانجيءَ جي صدارت هيٺ گڏ ٿي. ان ۾ شرڪت ڪيائين.26 ڊسمبر 1919ع تي، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اجلاس امرتسر ۾ پنڊت موتي لعل نهروءَ جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. ان ۾ شرڪت ڪيائين.سنڌ ۾ ڪانگريس کي منظم ڪيائين، ۽ کيس 1920ع ۾ صوبي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ملڪ جي ورهاڱي بعد لڏي وڃڻ تائين قائم رهندو آيو.ڊاڪٽر صاحب کي آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪري کنيو ويو. مهاتما گانڌيءَ ڪانگريس جي هڪ ڪروڙ ميمبرن بنائڻ ۽ ان لاءِ هڪ ڪروڙ رپين ڪٺي ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ ظاهر ڪيو ته هڪ سال اندر سوراج وٺبو. انهيءَ سلسلي ۾ 1920ع جي ابتدا ۾، لوڪمانيه تلڪ سنڌ ۾ آيو. ڊاڪٽر صاحب ساريءَ سنڌ ۾ ساڻس گڏجي گشت ڪيو.[1]. 21 جولاءِ 1920ع تي، لوڪمانيه تلڪ وفات ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ان وقت حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊيل هو. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان "نيشنل سروس آف اسٽوڊنٽس" برپا ٿي، ۽ شاگردن جي ڪنوينشن ٺهي، جنهن جو پريزيڊنٽ مسٽر جيرامداس دولترام ٿيو.1940ع ۾، لاهور ۾ ڪيل تقرير جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ارڙهن مهينا سزا ملي.[1].ان کانپوءِ 3 جون 1947ع تي، انگريز سرڪار طرفان ملڪ جي ورهاڱي جو اعلان ٿيو. هندستان جي ٻنهي حصن ۾ فرقيوار فساد ٿيڻ لڳا. سنڌي هندن ۾ حراس ڦهلجڻ لڳو. خود سنڌ ڪانگريس ۾ ٻن راين جا ماڻهو ٿي پيا. 30 جون 1947ع تي صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميڙ ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هندن کي صلاح ڏني ته کين سنڌ ڇڏي، ڀارت لڏي وڃڻ گهرجي. پر ڪانگريس جي اڪثريت سندس اها راءِ قبول نه ڪئي. ان تي ڊاڪٽر صاحب، 3 جولاءِ 1947ع تي، دهليءَ ۾ ٿيندڙ هندو اقليت وارن صوبن جي ڪانفرنس ۾ ويو، جتي سڀني گڏجي ورهاڱي جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري، ڪانگريس کي عرضداشت ڪئي ته ورهاڱو قبول نه ڪيو وڃي. پر ڪانگريس اڳي ئي ورهاڱو قبول ڪري چڪي هئي، ۽ هاڻ ڪجهه نٿي ٿي سگهيو..[1]ان کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب اجمير ۽ جوڌپور طرف، هندن کي آباد ڪرڻ جي بندوبست لاءِ ويو. 4 آگسٽ 1947ع تي، آچاريه ڪرپالاڻي سنڌ ۾ آيو، ته ان به هندن کي ساڳي صلاح ڏني. بهرحال هندن جي لڏپلاڻ شروع ٿي. آگسٽ جي آخر ۾ ڪوئيٽا، بلوچستان، طرف هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ٿي، جنهن تي سنڌ جي هندن ۾ هراس ڦهليو. ڊاڪٽر صاحب، 26 آگسٽ 1947ع تي، پروفيسر گهنشامداس، مکي گوبندرام، سيٺ روچلداس گنگارام واڌواڻي ۽ سيٺ شولداس سان گڏ، پاڪستان جي وزيراعظم نوابزاده لياقت علي خان سان ملي، ڪوئيٽا ويو. اتي هندن جي زبون حالت ڏسي، هن جي دل ڦسي پيئي ۽ زار زار روئڻ لڳو. واپس اچڻ بعد، لڏپلاڻ مهل، هندن کي سانتيڪي نموني ملڪ ڇڏڻ لاءِ صلاح ڏنائين پر پوءِ جي نوابشاهه ۾ ٿيل واقعن ويتر هراس پکيڙي ڇڏيو هو. هاڻ هن مناسب سمجهيو ته ڀارت وڃي، لڏي ويلن جي اتي سهائتا ڪري. نومبر 1947ع تي، هو سنڌ ڇڏي بمبئيءَ پهتو. ان کانپوءِ سمورو وقت سنڌ ڇڏي آيل شرنارٿين جي آبادڪاريءَ ۽ سهائتا لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.[1].

موت[سنواريو]

ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ خاص طرح سردار ولڀ ڀائي پٽيل سان، سنڌي شرنارٿين جي آبادڪاري جي سوال تان اختلاف ٿي پيس ۽ ڪانگريس کان ٻاهر نڪري آيو۔ 12 سيپٽمبر 1947ع تي ڊاڪٽر صاحب وفات ڪئي.[1]۔

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005