مواد ڏانھن هلو

پاڪستان ائيرفورس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پ.ا.ف کان چوريل)
پاڪستان ايئر فورس
Pakistan Air Force
فائل:Emblem of the Pakistan Air Force.svg
پاڪستان ايئر فورس جو نشان
ملڪ  پاڪستان
نوعيت فضائي فوج
ڪردار فضائي دفاع ۽ جنگي ڪاروايون
تعداد 70,000 کان وڌيڪ سرگرم اهلڪار
مخصوص چوڻي "صحرا است ڪه دريا است تهه بال و پر ما است"
(ترجمو: صحرا هجي يا دريا، سڀ اسان جي پرن جي هيٺان آهن)

پاڪستان جي ھوائي طاقت يا پاڪستان ايئر فورس (انگريزي: Pakistan Air Force) پاڪستان جي هٿياربند فوج جو فضائي شعبو آهي. هن جو بنياد 1947ع ۾ پاڪستان جي آزاديءَ سان گڏ رکيو ويو.

تاريخ

[سنواريو]

پاڪستان ايئر فورس جي تاريخ جو آغاز ورهاڱي کان اڳ واري دور سان ملي ٿو. 1933ع ۾ برطانوي هندستان جي حڪومت ننڍي کنڊ ۾ ڊرگھ روڊ (ڪراچي) جي ويجهو هڪ ايئر فورس اسٽيشن قائم ڪئي هئي، جيڪا هن وقت پي اي ايف بيس فيصل جي نالي سان سڃاڻجي ٿي.[1]

جڏهن 14 آگسٽ 1947ع تي برطانوي راڄ ننڍي کنڊ کي ٻن حصن (پاڪستان ۽ انڊيا) ۾ ورهايو، ته ان وقت "رائل پاڪستان ايئر فورس" جو وجود پيو، جنهن جو نالو بعد ۾ 1956ع ۾ پاڪستان جي جمهوريه بڻجڻ تي تبديل ڪري "پاڪستان ايئر فورس" رکيو ويو.

مشن ۽ مقصد

[سنواريو]

پاڪستان ايئر فورس جو بنيادي مقصد پاڪستان جي فضائي حدن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ملڪ جو دفاع ڪرڻ آهي. هن قوت جو نعرو علامه اقبال جي هڪ فارسي شعر مان ورتل آهي.

اهم اڏا (Bases)

[سنواريو]

پاڪستان ايئر فورس جا ڪجهه اهم هوائي اڏا هي آهن:

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "History of Pakistan Air Force", PAF Official Website, حاصل ڪيل 2024۔