جائوتري
جائوتري | |
---|---|
مائريسٽيڪا فريگرينس
(جائفل), Koehler (1887) | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | [[ٻوٽو]] |
نسلي شاخ | |
See text |
جائوتري (Mace) جيڪي ميرسٽيڪيچيا (انگريزي: Myristicaceae) جي ٻوٽي جي مختلف قسمن جي ٻجن جي کل جو نالو آھن جيڪا کاڌن ۾ خوشبو ۽ ذائقي لاء مصالحي طور استعمال ٿيندي آهي. ٻين ٻولين ۾ ان جا نالا: ،(عربي: بسباسه)،(فارسي: بزباز)، (ھندي:جاؤتري، چارگون ۽ هوسيا) آھن. انھن جو ٻوٽو گلن واري ٻوٽن جي خاندان سان تعلق رکندڙ آهي جيڪو آفريڪا، ايشيا، پيسيفڪ ٻيٽن ۽ آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ آھي [2]
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ان جو شمار ڪڏهن ڪڏهن جائفل جي خاندان (nutmeg family) ۾ ٿيندو آهي. انھن ٻوٽن جي مشھور جنس ايشيا ۾ ميريسٽيڪا آھي ۽ ان خاندان جو مشھور مصالحو جائفل ۽ جاوتري (انگريزي: mace) آھن جيڪي ايشيا کنڊ ۾ ڪثرت سان ٿيندا آهن. ميرسٽيڪيڪيائي خاندان جون 11 شاخون ۽ 520 جنسون آهن.[3]
جائوتري ھڪ مصالحو آھي جيڪو جائفل جي ڳاڙهي ٻج جي کل ھوندو آھي. ان جو ذائقو جائفل جھڙو پر ان کان وڌيڪَ مزيدار ھوندو آھي اھو پچائڻ وارين شين، گوشت، مڇي، ڀاڄين ۽ کٽاڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. جاوتري ٺاھڻ لاء جائفل جي کل لاھي 10 کان 14 ڏينھن سڪائبو آھي. سڪڻ سان ان جي رنگ تبديل ٿي پيلاڻ مائل يا نارنگي ٿي ويندو آهي. سڪل کلون کنھريون، لسيون ۽ ڀرندڙ ھونديون آھن. اھي 40 ملي ميٽر يا 1.6 انچ تائين ڊگھيون ٿينديون آھن.[4]
هيءَ جائفل جي کل آهي، جنهن ۾ جائفل ڍڪيل رهندو آهي، ڳاڙهاڻ تي مائل هلڊي رنگ جي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿيندي آهي.[5]
طبي خاصيت
[سنواريو]دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿي، وات ۾ خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، پيشابن جي گهڻائي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿي[5].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Angiosperm Phylogeny Group (2009). "An update of the Angiosperm Phylogeny Group classification for the orders and families of flowering plants: APG III" (PDF). Botanical Journal of the Linnean Society 161 (2): 105–121. doi:. http://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1046/j.1095-8339.2003.t01-1-00158.x/pdf. Retrieved 2013-07-06.
- ↑ Bingtao Li and Thomas K. Wilson, "Myristicaceae", Flora of China online
- ↑ CHRISTENHUSZ, MAARTEN J.M.; BYNG, JAMES W. (2016-05-20). "The number of known plants species in the world and its annual increase". Phytotaxa 261 (3): 201. doi: . ISSN 1179-3163. https://dx.doi.org/10.11646/phytotaxa.261.3.1.
- ↑ "Mace spice". Encyclopædia Britannica Online.
- ↑ 5.0 5.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو