مدد:ايڊيٽنگ جو تعارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صفحا سنوارڻ
چالو ترميم جو موڊ

فارميٽنگ
مواد جو ڍنگ

ڳنڍڻا ۽ وڪي ڳنڍڻا
صفحن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو

پنهنجون تبديليون سانڍڻ
پنهنجون تبديليون ڇاپيو

نوان مضمون لکڻ
کرڙَ يا شروع کان هڪ صفحو لکڻ

تت
توهان جيڪو سِکيو آهي ان جو جائزو وٺو




وڪيپيڊيا جي مضمونن ۽ ٻين سنوار صفحن جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب جي هڪ مخصوص ٻولي آهي جنهن کي وڪي لکت (Wiki Markup) سڏيو ويندو آهي. اهو ڏاڍو سولو ۽ سادي ٻولي آهي جنهن سان توهان چند منٽن ۾ سکي سگهو ٿا. اهڙي ريت جيڪڏهن توهان ان کي استعمال نه ڪرڻ چاهيو ته وزيوئل ترميم ۾ مٽايو جنهن سان انٽرفيس هڪ ورڊ پراسيسر وانگر آهي.



اسان وڪي مارڪ اپ متعارف ڪرائي رهيا آهيون جيڪو وڪي رائٽرز ۾ وڌيڪ مشهور آهي ۽ ان جو نسخو آسان طريقو سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان هڪ پيج ۾ ترميم ڪرڻ، ڊانهڻ ، يا درستي ڪرڻ چاهيو ٿا ته اُن صفحي جي مٿي حصي تي هڪ اختيار "وسيلو سنواريو" ظاهر ٿيندو (هي ڊيسڪٽاپ ڏيک لاءِ آهي؛ جيڪڏهن توهان موبائل تي ايڊٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته صفحي جي عنوان جي تري هيٺ کاٻو پاسي تي ڏنل هڪ قلم جو نشان ربط=ویکیپیڈیا:تختہ مشق نظر ايندي) ان تي ٺِڙڪ ڪريو، توهان سنوارڻ واري ڀاڱي ۾ پهچي ويندا جتي وڪي لکت يا وڪي مارڪ اَپ جي مدد سان توهان سولائيءَ سان عبارت ۾ سنوار ۽ واڌارو، جدول يعني ٽيبل ۽ تصويرن جي داخل ڪرڻ يا متن جي فارميٽنگ ڪري سگهو ٿا. ان جو سولو طريقو ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
هيٺيون تصويرن ۾ ڊيسڪ ٽاپ ۽ موبائل ٻنهين ۾ سنوار جو اختيار جي جڳهه ٻُڌائي ويندي آهي:
ڈیسک ٹاپ:

ڊيسڪ ٽاپ تي سنوار جو آپشن
ڊيسڪ ٽاپ تي سنوار جو آپشن

موبائل:

موبائل تي سنوار جو بٽڻ
موبائل تي سنوار جو بٽڻ



ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ توهان کي وڪي مارڪ اپ ٿورڙو ڏُکيو لڳي، (خاص ڪري حوالا داخل ڪرڻ مهل)، پر اصل ۾ اهو ڏاڍو سولو آهي، بس ڪجهه اصولي ڳالهين کي سمجهي انهن کي ياد ڪريو؛ توهان جلدي ان جا عادي ٿي ويندا. جيڪڏهن توهان ڪنهن مضمون ۾ سڌوسنئون سنوار يا ترميم ڪرڻ بدران ڪجهه تجربا ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي اڀياس واري ڀاڱي ۾ وڃو ۽ بنا هٻڪ تجربا ڪريو.

ايڊٽ يا سنواريو واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ کان نه ڊڄو! (1:06 min)