مدد:سوانح صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مدد:تاريخچو صفحو کان چوريل)

وڪيپيڊيا ۾ تمام قابل ترميم صفحن سان گڏ اُنهن جو تاريخچو (سوانح) پڻ منسلڪ هوندو آهي،جنهن ۾ لاڳاپيل صفحي ۾ ترميم ۽تدوين ڪرڻ وارن صارفين (يوزرن) جي نالن جي فهرست، سندن بحث صفحو| ڀاڱيداريون موجود هوندي آهي۔ اُن سان گڏوگڏ تمام ترميمن جو وقت، تاريخ، مضمون جو مقدار (Volume)، ٻاٽڻيون ۽ هر ترميم جو خلاصو پڻ درج هوندو آهي۔ ڪنهن به صفحي جي تاريخچي (سوانح) کي ڏسڻ جي لاءِ صفحي جي مَٿِي کاٻي هٿ تي موجود سوانح ڏسو جي بٽڻ تي طق (ٽِڪ يا ڪِلڪ) ڪريو۔ توهانکي لاڳاپيل مضمون يا صفحي جي سوانح (Page History) ملي ويندي.


صفحي جي سنواح لاءِ هدايتي وڊيو ڏسو 10 minute video introduction to the View History feature.

سراسري جائزو

سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمونن جي سوانح صفحو جو اسڪرين شاٽ
  • صفحي ۾ ٿيندڙ تمام تبديلين جي فهرست جو معڪوس (هاڻوڪو کان اڳوڻو) زماني ترتيب سان گڏ پيش ڪئي ويندي آهي۔
  • ڪنهن متعين نسخي کي ڏسڻ جي لاءِ اُنجي تاريخ ۽ وقت تي طق (ڪِلڪ) ڪري ، اهو ڏسي سگهجي ٿو۔
  • قديم ۽ جديد نسخي ۾ فرق ڏسڻ جي لاءِ ساڄي هٿ تي موجود هاڻوڪو بٽڻ تي طق ڪريو۔
  • ٻه منتخب نسخن ۽ ترميمن ۾ فرق ڏسڻو هجي ته گُهربل ٻنهين ترميمن کان پهرئين گول يا بيضوي شڪل ۾ موجود بٽڻ (جنهن کي انگريزيءَ م ريڊيو بٽڻ سڏبو آهي) کي نشان زد ڪريو، ان کان بعد مَٿِي منتخب متن جو فرق ڏسڻ لاءِ موجود چونڊيل پرت ڀيٽيو جي بٽڻ تي طق، يا ڪِلڪ ڪريو۔