شيخ موسيٰ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شيخ موسو کان چوريل)

شيخ موسيٰ، جنهن جي ٻي پيڙهي شيخ ابوالفضل مشهور عالم ۽ مصنف ٿيو. پنهنجي ڪتاب ”ڪجڪول“ ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته شيخ موسيٰ سنه 900 هجري ۾ اتي رهندو هو. انهيءَ جو هڪڙو ڏهٽو خضر شاهه سير ۽ سفر تي نڪتو ۽ ناگور ۾ وڃي شيخ يحييٰ بخاري جو مريد ٿيو، جو اُچ واري مخدوم جهانيان جو سجاده نشين هو. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌيءَ ٽان به فيض حاصل ڪري موٽي وطن تي آيو. شيخ مبارڪ ولد شيخ موسيٰ سن 911 هجريءَ ۾ ڄائو ۽ اڪبرآباد ۾ وڃي علم جي تحصيل ڪيائين. هڪ سو ويهه ورهيه عمر ٿيس سندس پٽ شيخ ابو الفضل ۽ شيخ فيضي مشهور ٿي گذريا. جي اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا.[1]

شيخ موسيٰ: ريل باران جو رهاڪو هو، جو ڳوٺ سيوستان سان لاڳو هو. چانڊڪي ۽ سيوستان پرڳڻن جي الهندي پاسي جبل تائين جيڪا باراني زمين آهي ۽ جنهن کي هاڻ ڪاڇو چوندا آهن، تنهن کي دشت باران سڏيندا هئا. اتي گھڻائي بزرگ ۽ اوليا رهيا ۽ گذريا جن جا نشان اڃا ظاهر آهن، انهن مان هڪڙو شيخ موسيٰ هو، جو سنه 900ھ ۾ ريل ۾ رهندو هو. انهيءَ جو هڪڙو ڏهٽو خضر شاهه سير ۽ سفر تي نڪتو ۽ ناگور ۾ وڃي شيخ يحييٰ بخاريءَ جو مريد ٿيو، جو اُچ واري مخدوم جھانيان جو سجادهه نشين هو. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌي وٽان فيض حاصل ڪري موٽي وطن آيو. شيخ موسيٰ سنه 911ھ ۾ ڄائو اڪبرآباد ۾ وڃي علم جي تحصيل ڪيائين. وڏو عالم فاضل ٿيو، هڪ سـﺆ ويهه ورهيه عمر ٿيس. سندس ٻه پٽ شيخ ابوالفضل ۽ شيخ فيضي پيءُ کان به زياده مشهور ٿيا. اهي ٻئي عالم فاضل، مصنف ۽ شاعر ته هئا، پر وڏا مدبر ٿي گذريا. اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا. اابوالفضل پنهنجي ڪتاب ”ڪچڪول“ ۾ پنهنجي والد ۽ اصل نسل جو بيان ڏنو آهي ۽ ٻيا به گھڻا ڪتاب لکيا اٿس. ”علامي“ جي لقب سان مشهور آهي. فيضي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ کان به علميت يا حڪومت ۽ مدبري ۾ وڌي ويو. سندس ڪليات يعني قصائد ۽ ديوان ۽ سندس ڪيتريون مثنويون جن مان پنج سندس خمسه ۾ داخل آهن ۽ سنسڪرت ڪتابن جا نظم ۾ ترجما ۽ سندس انشا ۽ سندس قرآن جو بي نقط تفيسر مشهور آهن، جن مان هن جي خداداد قابليت ۽ علميت ظاهر آهي. انهن ٻنهي ڀائرن جو احوال هند جي تاريخ ۽ سندن سوانح عمرين مان معلوم ڪرڻ گھرجي. اڪبرنامي ۽ آئين اڪبري مان به سندن گھڻو سماءُ پئجي سگهندو، جي ابوالفضل جا لکيل آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو