شهري علائقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شهري علائقا کان چوريل)
گريٽر ٽوڪيو ايريا, جپان صبح ٿيڻ وقت، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو شھري علائقو آهي جتي پوڻا چار ڪروڙ ماڻهو رھن ٿا.

شھري علائقا:(انگريزي: Urban area ) يا (انگريزي: urban agglomeration) اھڙو انساني علائقو آھي جتي جي آبادي تمام گھاٽي ھوندي آھي ۽ اتي جو اڏاوتي ماحول ھڪ وڏي نظام وارو ھوندو آھي. شھري علائقا شھرڪاري(انگريزي: urbanization ) ذريعي وجود م ايندا آهن جنھن سان ننڍا شھر پوء وڏا شھر ٺھي ويندا آهن. اھي ڳوٺن ۽ واھڻن يا ٻھراڙيءَ ۽ قدرتي ماحول جو ابتڙ ھوندا آھن. دنيا م شھري آبادي 3 ارب 42 ڪروڙ آھي جيڪا ٻھراڙيءَ کان وڌي وئي آهي جڏهن ته ٻھراڙيءَ جي آبادي 3 ارب 41 ڪروڙ آهي ۽ ان فرق بعد شھري آبادي جو تناسب وڃي پيو وڌندو.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]