سنڌي ساهت جون مڊليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنه 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ ٺهي، تنهن به ڪيترا سال چڱو ڪم ڪيو. هن وقت ”گُر سنگت“ هيرآباد وارا، ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽيءَ“ وارا، سناتن ڌرم وارا، ”ديوان ڪؤڙومل ساهت منڊل“، ”سندر ساهتيه“، ”رتن“، ”مسلم ادبي سوسائٽي“ وارا ۽ ٻيا، پنهنجي پنهنجي پر ۾ ساهت جي وڌائڻ جي هر طرح ڪوشش پيا ڪن. ڪي جوان وري مشاعرا پيا ڪن، ۽ ڪن کي پنهنجون ناٽڪن جون منڊليون آهن. مسٽر هريسنگهه ماستر سکر واري، سنه 1880ع کان وٺي، ۽ مسٽر پوڪرداس شڪارپور واري،سنه 1886ع کان وٺي ڪتابن ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. انهن ٻنهي سرڳواسين جا ڇاپخانا اڄ تائين جاري آهن، هن وقت تائين گهڻيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا اٿن- اهڙيءَ طرح هندن توڙي مسلمانن جي گڏيل ڪوششن سان، طرح طرح جا ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ نڪتا آهن: ته به نثر جا ڪارائتا ڪتاب، جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ جي ڪم اچن، سي بلڪل ڳاڻ ڳڻيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]