راسپ بيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

راسپ بيري هي به ولايتي ميوو آهي، اگرچ هن جو هڪڙو قسم هماليه جبل ۾ ٿيندو آهي. پيلا ۽ ڳاڙها اتي عام آهن. اڇو قسم ور نيلگري جبل ۾ ٿيندو آهي پر سچو پچو راسپ بيري جنهن ۾ ولايتي ميوي جي لذت ۽ خوشبوءِ هجي، سو گهٽ آهي. انهيءَ جا قلم يا چڪيون ولايت کان آڻڻ گهرجن. هن جو هڪڙو قسم اصل مارِيشس جو آهي، سو ڪلڪتي جي آسپاس وارن سڀني باغن ۾ ڏسڻ اچي ٿو. گلاب جهڙا اڇا گل ڪندو آهي. فيبروريءَ جي وچ ڌاري ڦر ڪندو آهي. قلمن سان به ٿيندو آهي ٻج سان به. هن کي ڀاڻ جي گهڻي گهرج ٿيندي آهي. ٿورو ٿورو چُن به وجهڻ گهرجيس. هن کي روشني، گرمي ۽ هوا جي گهرج ٿئي ٿي. تنهنڪري وڻن جي هيٺان يا ٽَڪرن جي ڇانوَ واري پاسي پوکڻ نه گهرجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو