خان محمد پنھور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر خان محمد پنهور 27 جون 1949ع تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي.اي هالا ڪاليج، ايم.اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين.[2]

شروعات[سنواريو]

زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان ڪيائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي پهتو.

ادبي سفر[سنواريو]

سنڌي يونيورسٽي ۾ سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو رسالا ۽ ميگزين پنهنجي ادارت ۾ ڪڍيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو.

گھڻ پاسائين شخصيت[سنواريو]

ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين.[3]

سماجي ڪم

80 واري ڏهاڪي ۾ سگا تي پابندي لڳڻ کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ هيٺ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت تنظيم جو بنياد وڌو ،جنهن ۾ ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هڙان وڙان ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول کولرايا، ان ئي وقت ۾ ڪراچي ۾ پارس نالي ماهورا ۽ تنهن کانپوءِ رسالو ٽماهي ڪري گهڻا ئي سال ڪڍيو، تعليم سان چاهه جي جنون جي ڪري نئين روشني اسڪول ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪيترائي سال توڙ نڀايو،انفارميشن ڊپارٽمنٽ ۾ پڻ ڪيترائي سال پنهور صاحب ڪم ڪيو،

وفات[سنواريو]

27 مئي 1999ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل.ايم.سي حيدرآباد جي آءِ.سي.يو وارڊ ۾ وفات ڪيائين. [4]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://awamiawaz.com/26918/
  2. ڊاڪٽر خان محمد پنهور: سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار | SindhSalamat, وقت 2017-07-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-10 
  3. HYDERABAD: Khan Mohammad Panhwar remembered - Newspaper - DAWN.COM
  4. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-05-31 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-10