تڪرار جي نبيري لاءِ مُتبادل طريقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪرار جي نبيري لاءِ مُتبادل طريقو يا الٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزوليوشن (Alternative Dispute Resolution - ADR) اصل ۾ ڪنهن به عدالتي ڪڙي کڙڪائڻ کان سواءِ، ٻن تڪراري ڌُرين کي فيصلي لاءِ راضي ڪندي، اهڙا نبيرا ڏيڻ جو طريقو ۽ ورتاءُ آھي، جنهن سان نيٺ تڪرار ختم ٿيڻ جو موقعو ملي. هي طريقو سياسي، ۽ بين الاقوامي ڦڏن، شهري ۽ انساني حقن، ڪاروباري معاملن ۽ برادري، ڪُٽنبي معاملن ۾ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽياڪڙي، صلاح مشوري، مختصر اُپائن، پرچاءَ، ڳالھ ٻولھ، جائزي، سنوار ۽ سُڌار ذريعي بهتر نتيجا فراهم ٿيا آهن۔ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ غير روايتي ۽ مُتبادل نبيري ذريعي، ڪيترن ئي منجھيل معاملن جو خاتمو ٿيو آهي. ليبيا طرفان ”لاڪربي“ ۾ڪرايل الزام لڳل دهشتگرديءَ سميت، ڪيترا ئي اهم مسئلا هن فهرست ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-11-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد