بنفشہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Heartsease flowers.
Flowers of Viola tricolor

Heartsease
Violatricolorarvensis.jpg
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Viola (plant)
جنس: Template:Taxonomy/Viola (plant)V. tricolor
حياتياتي نالو
Viola tricolor
L.

بنفشه' (Violet,Pensy, Heartsease) هي مدامي گل جو ٻوٽو آهي، مگر ولايتي قسم جو چڱو نه ٿيندو آهي. بهتر آهي ته انهيءَ جو هر سال نئون ٻج پوکجي. بُوءِ وارو بنفشو هن ملڪ ۾ ٿيندو آهي، خاص ڪري دکن ۾. اهو ٻج مان ٿيندو آهي، جو سياري جي موسم ۾ پوکيندا آهن. ولايتي بنفشو، جنهن کي ٽه-رنگو بنفشو چوندا آهن، تنهن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. جڏهن ٻوڙو ڇهه پن ڪڍي، تڏهن سلن جون چڪيون ڪڍي يا پاڙن سوڌا سلا ڪڍي، ننڍين ڪونڊين ۾ گڏي يا ڌار ڌار ڪري رکجن. هن گل جي ٻوڙي کي ڇانو وڻندي آهي. پاڻي ججهو هجيس ۽ زمين يا مٽي پراڻي ۽ ڳائي ڀاڻ سان ڀريل هئڻ کپي، جنهن ۾ ٿوري درياهه جي واري به مليل هجي. جڏهن هي ٻوٽو يڪي ڏانڍي ڪڍي فوٽ ڏيڍ جيڏو ٿئي؛ تڏهن چپٽيءَ سان چهنبڙي نپوڙي ڇڏجيس، ته هيٺان پاسن کان ٽارڙيون ڪڍي ۽ گيل ڪري. هن کي انگريزيءَ ۾ وهايو ليٽ يا پانسي يا هارٽس-ايز (يعني دل جو آرام يا دلارام) چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو