شماريات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اِسٽيٽسٽڪس کان چوريل)
حسابي شماريات جو باني ڪارل پيئرسن

ڳاڻيٽي جو علم، علم شماريات، انگ اکر وديا، انگ شاستي، شماريات (انگريزي: Statistics )[1] مواد جي سائنسي انداز ۾ ڏين، ترتيب، رياضتي تجزيو، ته جيئن جنهن آبادي منجهان انگ اکر کنيا ويا هجن، انهن جي باري ۾ ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي يا اُنهن لڪل جزن جي اهميت جي باري ۾ اندازو لڳائي سگهجي.[2]انگن اکرن (statistics) جي ابتدا ۾ معنيٰ، ”اهو علم هو، جنهن جي مدد سان سماج، حڪومت يا فضا جي حالتن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن يا ڪنهن ٻئي نموني انهن جي پرک ورتي وڃي.“ لفظ اسٽيٽسٽڪس جي معنيٰ آهي ته: ”ڪنهن طبقي جي ماڻهن جي حالتن بابت حقيقتن ۽ انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ يا اهو سائنسي علم جيڪو ماڻهن جي سماجي، اخلاقي ۽ جسماني حالتن جي حقيقتن گڏ ڪرڻ جي ترتيب لاءِ ڪم اچي[3]. ڊاڪٽر احسان الله خان مطابق شماريات اھڙو علم آھي جنھن جي مدد سان مختلف قسمن جي معلوماتن ۽ حقيقتن کي انگن اکرن جي صورت ۾ گڏ ڪري ان جي سائنسي تجزئي کان پوءِ ڪو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي[4]. هن وقت سائنسي دور ۾ انگن اکرن واري علم جي اهميت ۽ دائرو تمام وسيع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هن علم جي مدد سان سماج جي هر ڪنهن پهلوءَ جي خاصيتن، حقيقتن، مادي حالتن، ڳڻپ وارين حقيقتن کي شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح 19ھين صدي جي آخرين حصي ۾ هن علم جو مقصد، اصولن ۽ فن جي لحاظ کان حقيقتن جي انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ، مختصر ڪرڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ آهي. جانسن مطابق: ”دنيا ۾ اچڻ کان وٺي مرڻ تائين اسانجي زندگي جي هر حالت کي هن علم جي مدد سان محفوظ ڪيو وڃي ٿو: ڄم، موت، شادي، جدائي، اسانجي ٻارن جي روزاني حاضري، هاريءَ جي پنهنجي زمين مان پيداوار، اسانجي محنت جا ڪلاڪ، هوائي جهازن جي سفر جا فاصلا، سج جو اڀرڻ کان لهڻ تائين وقت، طرف جي ڪرڻ جي ماپ وغيرهه، اهي سڀ عمل ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ رکيا وڃن ٿا. بيشمار اهڙا ۽ ٻيا عمل ۽ آزمودا روزاني زندگي ۾ دنيا جي سڀني ماڻهن کي پيش ايندا رهن ٿا.، جن کي انگن اکرن جي مدد سان ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي ٿو[5].“ مجموعي طور ائين چئجي ته اهو علم جنهن جي مدد سان دنيا جي هر ڪنهن شيءَ، فضا ۽ جنس جي حالتن ۽ حقيقتن جي خاصيتن ۽ خامين جي قدر ۽ عدد لاءِ گڏ ڪيل انگن اکرن کي مختصر ڪري ، انهن جي سراسري فاصلي ۽ سيڪڙي جي ڀيٽ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو.[6] تحقيق ۾ موجود وقت انگن اکرن واري علم جي ايتري ته اهميت وڌي ويئي آهي جو ڪارگر تحقيق انهيءَ کي سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ تجزئي لاءِ گڏ ڪيل انگن وارن عددن کي مختصر ڪري انهن جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي. اهو نتيجو گروهن ۾ جيڪا نسبتي تبديلي هوندي آهي، انهن جي تفاوت يا تعلق معلوم ڪرڻ سان واسطو رکندو آهي. اهي تبديليون ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪ وصفي (Nominal)۽ ٻيون وقفي (Interval). اهڙي تبديلي کي انگن اکرن واري علم جي خاص اصولن تي پرکيو وڃي ٿو.[6]

شماريات جا قسم[سنواريو]

1- حقيقي يا بياني انگ اکر[7]
2- تخميني، اڳڪٿي يا قياسي انگ اکر[8]
بياني انگ اکرن مان مطلب آهي ته ڪنهن حقيقي ڳالهه يا حالت يا ڪنهن جنس بابت يا انهيءَ جي صورت حال جي مختلف خاصيتن بابت معلومات حاصل ڪرڻ. تخميني يا قياسي انگ اکرن مان مطلب آهي ته ڪنهن ڳالهه بابت پيشن گوئي ڪرڻ، اندازو لڳائڻ، يا آئينده لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ، ليڪن اها پيشن گوئي، اندازو قياس، تخمينو يا ڪا راءِ به ورتل انگ اکرن مان نڪتل نتيجي تي مدار رکندي آهي.[6]

پيمائش جا قسم[سنواريو]

حقيقي انگن اکرن لاءِ هيٺيان چار پيمائش جا قسم ڪم ايندا آهن[6]:

وصفي پيمانو[سنواريو]

وصفي پيماني (انگريزي: Nominal scale ) جو مقصد آهي ته جن ماڻهن کي سندن خاصيتن جي لحاظ کان پرکيو وڃي تن کي ڪنهن خاص ترتيب تي سلسلي وار رکيو وڃي. جيئن پڙهيل ۽ اڻپڙهيل، زالون ۽ مرد وغيره. ۽ اهڙي هر گروهه جي سندن خاصيتن جي ڪري ڪا وصف قائم ڪئي ويندي آهي؛ جنهن جي مدد سان انهن جي پرک ورتي وڃي ٿي. يا ائين چئجي ته جاگرفيائي تاريخي ثقافتي ۽ تهذيبي لحاظ کان ماڻهن جي ڪا وصف قائم ڪئي وڃي ٿي جنهن کي وصفي پيمانو چيو وڃي ٿو.

درجاتي پيمانو[سنواريو]

درجاتي پيماني (انگريزي: Ordinal scale ) ۾ ماڻهن کي سندن درجي يا گروهه جي خاصيتن جي مدد سان ترتيب وار يا قطار ۾ رکيو وڃي يا درجا بندي ڪئي وڃي ٿي. مثلن معصوم ٻار، ٻار، جوان، پوڙها. پهرين درجي وار، ٻئي درجي وار، ٽئين درجي وار، وغيره ته جيئن انهن جي پرک کي آساني سان نتيجي لاءِ گڏ ڪيو وڃي.

وقفي پيمانو[سنواريو]

وقفي پيماني (انگريزي: Interval Scale ) ۾ انگن اکرن حاصل ڪرڻ لاءِ هر درجي لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو آهي يعني هر درجي لاءِ عمر يا وقت مقرر هوندو آهي. جيئن 1 کان 5 سالن جي عمر وار، 6 کان 20 سالن جي عمر وار، 21 کان 50 سالن جي عمر وار وغيره.

نسبتي پيمانو[سنواريو]

نسبتي پيماني (انگريزي: Ratio scale ) کي تڏهن استعمال ڪيو وڃي ٿو جڏهن ڪنهن شيءَ جي پيمائش ٻڙي کان ڪئي وڃي ٿي جيئن گرام، انچ، ليٽر وغيره

شمارياريات سان نتيجو ڪڍڻ جي ضرورت[سنواريو]

انگن اکرن جي مدد سان نتيجو ڪڍڻ هيٺين ڳالهين جي ڪري ضرور هوندو آهي:

  1. حقيقتن کي انگن اکرن ۾ ورهائڻ، ترتيب ڏيڻ، مختص ڪري نتيجو ڪڍڻ آسان ٿئي ٿو.
  2. انگن اکرن کي آساني سان پڙهي، سمجھي ۽ سمجھائي سگھجي ٿو.
  3. انگن اکرن جي مدد سان جنسن مان هٿ ڪيل مواد مختصر ڪري، ڀيٽي انهيءَ جو قدر ۽ نتيجو آساني سان ڪڍي سگھجي ٿو.

انگن اکرن ۾ مواد مختصر ٿئي ٿو، ڀيٽ آسان ٿئي ٿي، وقت جي بچت ٿئي ٿي، مواد هڪ ئي نظر ۾ اڳيان اچي ٿو ۽ تحقيق اثرائتي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيڪو مواد اسين حاصل ڪريون ٿا اهو تمام گهڻو هوندو آهي تنهن ڪري انهيءَ مواد کي انگن اکرن ۾ مختصر ڪري، ڀيٽي نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. انگن اکرن مختصر ڪرڻ لاءِ فهرستون, نقشن, سراسري ڦير گهير ۽ ڪثرت[9] وغيره کي ڀيٽي تعلق ظاهر ڪري نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو، مختصر طور ائين چئجي ته تحقيق ۾ انگن اکرن واري جي مدد سان تحقيق لاءِ گڏ ڪيل مواد کي انگن اکرن ۾ آڻي، مختصر ڪري ، انهيءَ جي سراسري، قدر فاصلو تعداد ۽ سيڪڙي کي فهرستن , نقشو [10] وغيره جي مدد سان انهن جي حالتن جي ڦير گھير ۽ ڪثرت[11] کي معلوم ڪيو وپي ٿو؛ جنهن ڪري نتيجو ڪڍڻ، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ آسان ٿيو پوي. هي تحقيق جو طريقو ڪنهن هڪ شخص سان واسطو نه رکندو آهي؛ پر اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪنهن هڪ شخص بابت وري وري ڪنهن ڳالهه جو اندازو ڪرڻو هوندو يا حساب يا ڳڻپ ڪرڻي هوندي ته پوءِ ڪم ايندو آهي.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistics | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-11. 
  2. Statistics | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
  3. Chamber’s Twentieth Century Dictionary
  4. ڪتاب: تعليمي تحقيق ۾ انگن اکرن وارو علم ، ليکڪ: ڊاڪٽر احسان الله خان
  5. Book:Statistical Method in Research ، By: Johnson
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  7. Descriptive statistics
  8. Inferential statistics
  9. فهرستون (Tables) نقشن (Graphes ) سراسري (Average) ڦير گهير (Variabilities) ۽ ڪثرت (Frequency)
  10. سراسري (Average)، قدر (value) فاصلو (Range) تعداد ۽ سيڪڙي (Percentage) کي فهرستن (Tables) نقشو (Graphes)
  11. ڦير گھير (Variabilities) ۽ ڪثرت (Frequencies)