آسٽرو- ايشيائي ٻوليون

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

آسٽرو-ايشيائي ٻولين جون ٽي شاخون آهن.


1- مندا (Munda) جيڪا اوڀر هندستان جي ڪيترن ئي ماڻهن جي مادري ٻولي آهي.

2- نڪوباري؛ هن جا ڪجهه هزار ڳالهائڻ وارا نڪوبار ٻيٽن تي رهن ٿا ۽

3- مون کمر. مون کمر جون 12 شاخون آهن، جنهن ۾ اٽڪل 100 ٻوليون اچي وڃن ٿيون. هيءَ ٻولي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڏاڍي اهم ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي لپي به آهي. کمر ڪمبوڊيا جي قومي ٻولي آهي. مون (Mon) برما جي ڪيترن ئي حصن کان سواءِ ويٽنام ۽ ٿائيلنڊ ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.


منڊا ٻوليون گهڻ پديون (Poly syllabic) ٻوليون آهن، جيڪي آسٽرو-ايشيائي ٻولين کان جملن جي بناوٽ ۽ لفظي اچارن ۾ گهڻو مختلف آهن. مون کمر جي خاندان وارين ٻولين جو، هندوستاني ٻن ٻولين سنسڪرت ۽ پاليءَ تي به تمام گهڻو اثر آهي. ڪيترائي هندوستاني ٻولين جا اکر هن ۾ شامل ٿي ويا آهن. مون ۽ کمر ٻوليون هندوستان جي لپين ۾ لکجن ٿيون. ويٽنامي ٻولي صدين تائين چيني رسم الخط ۾ لکي پئي وئي آهي ۽ هاڻي 1910ع کان هن جي لپي تبديل ڪري رومن لپيءَ ۾ لکڻ جو رواج وڌو ويو آهي. جڏهن ته اها رومن لپي 1650ع ڌاري ويٽنامي لکڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي. پر ويٽنامي چيني ٻوليءَ جي اثر هيٺ رهي هئي. مون- کمر خاندان جي ٻين ٻولين جو صوتي نظام سادو آهي. رڳو لاڪنا ياسر ڪجهه فرق سان موجود رهن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]