اسلام
اسلام (انگريزي ٻولي: Islam) توحيدي مذهب آهي.[1] اسلام هڪ وحدانيت پرست دين آهي جيڪو ابراهيمي دين جو تسلسل آهي اسلام جي پيروڪارن کي مسلمان چئبو آهي. هينئر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلام دنيا جو ٻيو نمبر مذهب آهي.[2]
مسلمانن جو عقيدو آهي ته اسلام هڪ بنيادي عقيدي جو مڪمل ۽ آفاقي نسخو آهي جيڪو اڳين نبين ۽ رسولن، جن ۾ آدم، نوح، ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسى سميت ڪيترائي ڀيرا نازل ٿيو هو. مسلمان قرآن کي الله جو ڪلام ۽ غير تبديل ٿيل، آخري وحي سمجهندا آهن. قرآن سان گڏ، مسلمان پڻ اڳئين ڪتابن تي يقين رکن ٿا، جهڙوڪ توريت، زبور ۽ انجيل. انهن جو عقيدو آهي ته محمد ﷺ آخري نبي آهن، جن جي ذريعي دين مڪمل ٿيو. محمد جي تعليمات ۽ اصولي مثالن کي سنت سڏيو وڃي ٿو، جيڪي حديثن جي حسابن ۾ دستاويز ڪيا ويا آهن، مسلمانن لاء هڪ آئيني نموني مهيا ڪن ٿا. اسلام ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته الله هڪ آهي ۽ بي مثال آهي. اهو بيان ڪري ٿو ته اتي هڪ "آخري فيصلو" ٿيندو جنهن ۾ صالحن کي جنت ۾ انعام ڏنو ويندو ۽ ظالمن کي دوزخ ۾ سزا ڏني ويندي.
پنجن ٿنڀن (ارڪان) کي واجب سمجهيو وڃي ٿو، جن ۾ اسلامي حلف (ڪلمه جي شهادت)، روزاني نماز (پنج وقت)، زڪوات، رمضان جي مهيني ۾ روزا ۽ مڪي ڏانهن حج شامل آهن. اسلامي قانون، شريعت، بينڪنگ ۽ ماليات ۽ ڀلائي کان وٺي مردن ۽ عورتن جي ڪردار ۽ ماحول تائين زندگي جي تقريبن هر پهلو کي ڇڪي ٿو. . ٻه مکيه مذهبي تہوار عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ آهن. اسلام ۾ ٽي مقدس ترين ماڳ آهن مڪي ۾ مسجد الحرام، مديني ۾ مسجد نبوي ۽ بيت المقدس (يروشلم) ۾ مسجد اقصيٰ.
حقيقي دين اهوئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾ نرميءَ وارو مزاج پيدا ڪري، جيڪو هرحال ۾ محبت ۽ چڱائيءَ جي تعليم ڏيندو هجي.
لَاۤ اِكۡرَاهَ فِى الدِّيۡنِۙ قَد تَّبَيَّنَ الرُّشۡدُ مِنَ الۡغَىِّۚ فَمَنۡ يَّكۡفُرۡ بِالطَّاغُوۡتِ وَيُؤۡمِنۡۢ بِاللّٰهِ فَقَدِ اسۡتَمۡسَكَ بِالۡعُرۡوَةِ الۡوُثۡقٰى لَا انْفِصَامَ لَهَا ؕ وَاللّٰهُ سَمِيۡعٌ عَلِيۡمٌ ٢٥٦
اَللّٰهُ وَلِىُّ الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا يُخۡرِجُهُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوۡرِؕ وَالَّذِيۡنَ كَفَرُوۡۤا اَوۡلِيٰٓـــُٔهُمُ الطَّاغُوۡتُۙ يُخۡرِجُوۡنَهُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَى الظُّلُمٰتِؕ اُولٰٓٮِٕكَ اَصۡحٰبُ النَّارِۚ هُمۡ فِيۡهَا خٰلِدُوۡنَ ٢٥٧
دين ۾ ڪابه جبر نه آهي، گمراهيءَ کان هدايت پڌري ڪئي وئي آهي، پوءِ جنهن طاغوت کي رد ڪيو ۽ پوءِ الله کي مڃيو، پوءِ ان هڪ اهڙو مضبوط حلقو رکيو آهي جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻ وارو نه آهي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. الله مؤمنن جو نگهبان آهي ۽ (ان جي برعڪس) جن ڪفر ڪيو تن جا اولياءَ (مددگار ۽ مددگار) طاغوت آهن. انهن کي روشنيءَ مان ڪڍي اوندهه ۾ آڻن ٿا. هي دوزخي ماڻهو آهن اُھي ان ۾ ھميشه رھندا.
اسلام اميد جو مذهب آهي. اسلام جون مڙئي تعليمات اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏين ٿيون. ظاهر ۾ مشڪل، ناڪامي ۽ محرومي جهڙين حالتن ۾ به اسلام انسان کي اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏئي ٿو. اهو شام جي اونداهيءَ ۾ به صبح جي روشنيءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو. قرآن شريف ۾ ايمان وارن لاءِ ارشاد آهي ته:
وَ تَرۡجُوۡنَ مِنَ اللّٰہِ مَا لَا یَرۡجُوۡنَ ؕ (النساء: 104)
”۽ توهين الله ۾ اميد ٿا رکو جا اميد انهن کي نه آهي.“
ان مان خبر پئي ته هڪ شخص جيڪو اسلامي فڪر وارو هجي، اهو هڪ اهڙو انسان هوندو آهي، جيڪو اوندهه ۾ به روشني ڏسندو آهي. هو اتي به اميد ڀريو رهندو آهي، جتي ٻيا ماڻهو اميد ۽ حوصلو وڃائي ويهندا آهن. ان معاملي ۾ اسلام ۾ مايوسيءَ کي حرام سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ هڪ پيغمبر جي ذريعي اها تعليم ڏني وئي ته:
وَ لَا تَایۡـَٔسُوۡا مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ لَا یَایۡـَٔسُ مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡکٰفِرُوۡنَ (يوسف: 87)
”۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر ئي نا اميد ٿيندا آهن.“
انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ اهو جائز نه آهي ته، اهي مايوس ٿي وڃن. ظاهر ۾ ڪيتريون ئي اڻوڻندڙ ۽ غير موافق حالتون هجن، پر ايمان وارن تي فرض آهي ته اهي آخر تائين اميد جو دامن نه ڇڏين. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ خودڪشيءَ جي موت کي حرام چيو ويو آهي.[3]
مسلمانن جو عقيدو آهي ته الله سائين قرآنکي فرشته جي وسيلي سان حضرت محمد ص تي نازل ڪيو آهي مسلمانن جي عقيدي موجب خداوند جهڙي ريت سڀني نبين تي وحي نازل ڪئي آهي حضرت محمد ص به ان جي آخري ڪڙي آهن.[4]
تفصيل
[سنواريو]لغوي معنيٰ آهي صلح، سلامتي، اطاعت. ظاهري ۽ باطني عيبن کان پاڪ رهڻ. اهو انهيءَ دين جو نالو آهي، جيڪو -الله- پاڪ، سچن رسولن ۽ هادين جي ذريعي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو آهي. انهيءَ جو آخري، مڪمل ۽ مقدس دين اهو آهي، جيڪو قرآن شريف جي شڪل ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- عليه وسلم تي نازل ٿيو. شرعي لحاظ سان -اسلام- جو مطلب آهي: خدا جي احڪامن جي، جيئن قرآن شريف ۾ آيا آهن، بنا شڪ شبهي جي دل جي خلوص سان اطاعت ڪرڻ. ٻين لفظن ۾، ڪتاب ۽ سنت جي تعليمات تي عمل پيرا رهڻ -اسلام- آهي. نبي سڳورو صلي -الله- عليه وسلم جيڪا شريعت دائمي هدايت لاءِ کڻي آيو، اها چئن عنوانن جو مجموعو آهي: عقائد، عبادت، معاملات ۽ اخلاق. (1) -بندي- ۽ خالق جي وچ ۾ تعلق واضح ڪرڻ وارا احڪام، جيڪي ذهني ۽ قلبي حالتن سان واسطو رکن ٿا، اهي ”عقائد“ چئبا، ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ کي ”ايمان“ چئبو آهي. (2) -جن- احڪامن جو تعلق -بندي- جي جسم ۽ مال سان آهي، اهي ”عبادت“ آهن: يعني نماز ۽ روزو، جسماني عبادتون آهن، زڪوات مالي ۽ تمدني عبادت ۽ ”حج“ مالي، جسماني ۽ تمدني عبادت. -ان- طرح ڪلمي، نماز، روزي، زڪواة ۽ حج کي -اسلام- جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي. (3) جيڪي احڪام، -بندي- ۽ سندس درميان آهن، يا ٻيءَ مخلوق جي -باري- ۾ آهن، انهن کي قانوني حيثيت هجي ته ”معاملات“ جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ (4) جيڪڏهن انهن جي حيثيت روحاني نصيحتن ۽ ڀائپيءَ واري هجي ته اهي ”اخلاق“ جي دائري ۾ اچن ٿا. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم فرمايو آهي ته ”آءُ فضائل اخلاق جي تڪميل لاءِ آيو آهيان“. پهرئين عنوان کي ”ايمان“ ۽ باقي ٽنهي جو مجموعو ”عمل صالح“ آهن. عمل صالح جا ٽي ڏاڪا آهن: (1) خدا جي اڳيان -بندي- جو اظهار عبديت ۽ -ان- جي احڪامن جي تعميل يعني عبادت؛ (2) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان ڪاروباري معاملن ۾ الاهي احڪام جي پابندي يعني ”معاملات“؛ (3) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان محبت ۽ نيڪيءَ وارو ورتاءُ يعني ”اخلاق“. مختصر طرح، ”اسلام“ جي اها وصف، -اسلام- جي مڪمل -ترين- شڪل آهي.[5]
اصول دين
[سنواريو]فرض دين
[سنواريو]اسلام جا رڪن
[سنواريو]
پڻ ڏسندا
[سنواريو]حوالو
[سنواريو]- ↑ "English pronunciation of Islam". Cambridge Dictionary. وقت 22 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 Dec 2023. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Tawhid." In The Oxford Dictionary of Islam. ، edited by John L. Esposito. Oxford Islamic Studies Online
- ↑ ڪتاب: انسانيت جي تعمير آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، مولانا وحيد الدين خان
- ↑ «ما کانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِنْ رِجالِکُمْ وَ لکِنْ رَسُولَ اللَّهِ وَ خاتَمَ النَّبِیِّین
- ↑ اسلام : (Sindhianaسنڌيانا)
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- cennet - islami directory
http://wwuser.gwdg.de/~mriexin/sasislam.html[مئل ڳنڍڻو]] - South Asian Islam Links]*