ھارون بن ابي خآلد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھارون بن ابي خالد
سنڌ ۾ اخري عباسي گورنر
235ھ کان240ھ تائين(854 يا 855)
پيشرو عنبسا بن اسحاق
جانشين ھباري خاندان جو آغاز ٿيو ۽ سنڌ جو پھريون ھباري حاڪم عمر بن عبدالعزيز ھباري ٿيو
ريجنٽ عباسي خليفو متوڪل
پورو نالو
ھارون بن ابي خالد مروزي
گهراڻو مروزي
لاڏاڻو 854 يا 855
مذھب اسلام

هارون بن ابي خالد مروزي:(انگريزي: Haroon bin Abi Khalid) 235ھ ۾ هارون جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو ته ان وقت سنڌ ۾ رب قبيلي (تراري) حجازين جو زور هو ۽ انهن جو سردار عمر بن عبدالعزيز هباري جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي، ايڏو طاقتور بڻجي چڪو هو جو سنڌ جا گورنر به ان کان ڊڄندا هئا.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هيڏانهن خلافت به ڪمزور ٿي چُڪي هئي ۽ جاهل ترڪي غلام ڇانئيل هئا. ايران ۽ خراسان تي صفاري سندرو ٻڌي ويٺا هئا. خلافت کان ڪي ئي صوبا پنهنجو پاند ڇڏائي چُڪا هئا ۽ انهيءَ سٿ ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ جا آثار به نظر اچي رهيا هئا. هن ملڪ جي ننڍن ننڍن حصن تي ڪي ئي هندو ۽ مسلمان سردار سنڌ جي ماتحت حڪومت ڪندا هئا، جن مرڪز جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي سنڌ کي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ۽ سڌو سنئون مرڪز سان لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. سندن اهو عمل ان ڪري ٿيو جيئن سنڌ جي گورنر جي فرمانبرداريءَ کان جان ڇٽي پئي. اهڙي بي چيني واري دؤر ۾ 240ھ (55 ــ 854ع) تي هارون مارجي ويو. تاريخ يعقوبي مطابق هو مارجي نه ويو پر پنهنجي موت مري ويو.[1] بلاذري جي بيان مطابق هارون ڪي ٿورائي ڏينهن حڪومت ڪئي ته يڪايڪ سنڌ جي رهاڪو عربي قبيلن جا اچي پاڻ ۾ جهڳڙا پيدا ٿيا. هارون جيڪا اصلاح جي ڪوشش ڪئي تنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو فسادي ماڻهن سنه 240ھ ۾ سر زمين سنڌ جي ئي اندر کيس پورو ڪري ڇڏيو[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي". 
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي