عبدالرحمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالرحمان
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان تائين
پيشرو عيسي بن جعفر
جانشين ايوب بن جعفر
ريجنٽ عباسي خليفو ھارون رشيد
مذھب اسلام

عبدالرحمان: هارون رشيد کي جڏهن اهڙي بدنظميءَ جي خبر پئي ته هن عبدالرحمان نالي شخص کي سنڌ جي گورنري ڏني پر اهو به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ حالتون ساڳي اوج تي رهيون.[1]هارون رشيد کي جڏهن هي حال معلوم ٿيو تڏهن جيتوڻيڪ خانداني لحاظ جي ڪري ڪو ڪلمون زبان تي نه آڻي سگهيو مگر دل ۾ عيسى بن جعفر جي غفلت تي نهايت ئي رنجيده ٿيو ۽ مجبوراً سنڌ جو انتظام خاص پنهنجي هٿ ۾ رکيو. محمد بن عدي جو هاڻي ڪنهن به طرح سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي لائق نه رهيو هو تنهن کي معزول ڪري عبدالرحمان نالي هڪ شخص کي پنهنجي طرفان مقرر ڪري سنڌ ڏي روانو ڪيو[2]. يعقوبي لکي ٿو ته عبدالرحمان هتي پهتو مگر محمد بن عدي ڪا اهڙي بدانتظامي ڪري ڇڏي هئي جو عبدالرحمان کان ڪنهن به طرح انتظام نه سنڀالجي سگهيو. تڏهن هارون رشيد ايوب بن جعفر بن سليمان کي مقرر ڪري موڪليو.[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي