گوگل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪمپني تي آهي. ڳولا انجڻ جي لاءِ گوگل ڳولا ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ صفحو گوگل (سلجھائپ) ڏسو.
گوگُل سان ڀل نہ کائو.
Google Inc.
قسم ماتحت Subsidiary
صنعت
قيام سيپٽمبر 4, 1998؛ 25 سال اَڳُ (1998-09-04)
منلو پارڪ، ڪيليفورنيا[1][2]
باني
صدر دفتر Googleplex گوگل پليڪس, مائونٽين ويو, ڪيليفورنيا، U.S.[3]
متناسقات 37°25′19″N 122°05′03″W / 37.422°N 122.084058°W / 37.422; -122.084058مڪانيت: 37°25′19″N 122°05′03″W / 37.422°N 122.084058°W / 37.422; -122.084058
خدمتي علائقو Worldwide
اھم شخصيتون سُندر پِچَائيي Sundar Pichai (سي اي او CEO)
صنعتي پيداوار List of Google products
آمدني US$66.001 billion (2014)[4]
آپريٽنگ آمدني US$16.496 billion (2014)[4]
خالص آمدني US$14.444 billion (2014)[4]
ڪل اثاثا US$131.133 billion (2014)[4]
ڪل ايڪوئيٽي US$104.5 billion (2014)[4]
ملازم 59,976 (Q3 2015)[5]
اصل مالڪ Independent (1998–2015)
الفابيٽ انڪ. (2015–present)
ماتحت ادارا List of subsidiaries
ويب سائٽ www.google.com
حاشي / حوالا
[6]

گوگل (انگريزي ٻولي: Google) هڪ سرچ رٿا طور جنوري 1996ع ۾ ليري پيج (Lerry page) ۽ سرجي برن (Sergey Brin) شروع ڪيو هو، جيڪي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ڪيليفورنيا ۾ پي ايڇ ڊي جا شاگرد هئا. گوگل شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪا اهڙي ڳولا انجڻ (Search Engine) ٺاهجي، جيڪا ان دور جي ڳولا انجڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نتيجا گهٽ وقت ۾ ڏيکاري. گوگل جو شروعاتي نالو ”Back Rub“ هو. ان کان پوءِ 14 سيپٽمبر 1997ع ۾ گوگل ڪام جو domain رجسٽر ٿي ويو ۽ 7 سيپٽمبر 1998ع ۾ Google Inc نالي ڪوٺي کولي وئي. گوگل ڳولا جي دنيا کان سواءِ ٻيون به ڪافي شيون متعارف ڪرايون آهن، جن ذريعي اڄ دنيا ۾ ڪا به شَيِ ناممڪن ناهي رهي. اچو ته توهان سان انهن شين جو تعارف ڪرايون.[7][8]

لوڪل گوگل[سنواريو]

گوگل پاڻ کي مختلف ٻولين ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجي لوڪل سروس شروع ڪري رهي آهي، جيڪا في الحال Beta آهي ۽ صرف يونائيٽيڊ اسٽيٽ وارا ڪم آڻي سگهن ٿا. گوگل موبائل: گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان پنهنجي موبائيل متعلق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. ان جي ايڊريس آهي: http://mobile.google.com.

گوگل پرنٽ[سنواريو]

گوگل جي هيءَ سروس دنيا جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. گوگل پرنٽ

گوگل ڪٿڻي[سنواريو]

گوگل جي هن سهوليت سان توهان به حساب جو نتيجو طريقي سان گڏ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال، گوگل سرچ باڪس ۾ لکو (3-5 ).

گوگل وصف[سنواريو]

گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان ڪنهن به لفظ جي معنيٰ يا تشريح معلوم ڪري سگهو ٿا. گوگ سرچ باڪس ۾ لکو: Define.personal computer.

موويز[سنواريو]

گُوگل موويز تي توهان موويز يعني فلمون ۽ انهن تي تبصرا پڻ ڏسي سگهو ٿا.

فون بوڪ[سنواريو]

گوگل فون بوڪ[مئل ڳنڍڻو] جي مدد سان توهان آمريڪا جي آفيسن يا گهرن جا نمبر ڳولي سگهو ٿا.

گوگل موسم[سنواريو]

گوگل ذريعي اوهان ڪنهن به شهر جي موسم بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال weather:Hyderabad Pakistan جنهن جي مدد سان اوهان حيدرآباد پاڪستان جي موسم جو حال معلوم ڪري سگهو ٿا.

گوگل سفر[سنواريو]

ڪنهن به هوائي اڏي جي موسم يا جهازن جي دير سوير جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل سرچ باڪس ۾ لکو، هوائي اڏي جو 3 عددي ڪوڊ ۽ لفظ ايئر پورٽ. مثال: airport code. گوگل يونيورسٽي: گوگل يونيورسٽيءَ جي مدد سان توهان ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وغيره جي ويب سائيٽ تي وڃي سگهو ٿا ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا .www.google.com/options/universities.html . گوگل ڊائريڪٽري: گوگل ڊائريڪٽريءَ ۾ توهان کي گوگل جي هر هڪ فيچر جي ڄاڻ ملندي. گوگل نقشا: هن سهوليت وسيلي توهان ڪنهن به علائقي جون سيٽلائيٽ تصويرون ڏسي سگهو ٿا.

جي ميل[سنواريو]

اصل مضمون: جي ميل

گوگل gmail آرڪائيو ڪيا ويا December 3, 2015, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. نالي ڊومين تي برق ٽپال جي سهوليت پڻ ڏي ٿو، جيڪا توهان کي 2 گيگا ٻاٽڻ Giga Bytes اسٽوريج مهيا ڪري ٿي.

گوگل ويڊيو[سنواريو]

گوگل ويڊيو جي مدد سان توهان ڪا به فلم يا ڪو به ڊرامو يا گانو ڳولي سگهو ٿا.
مٿين کان علاوه گوگل جون ڪيتريون ٻيون به سهوليتون به آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

  1. "Company". Google. حاصل ڪيل January 16, 2015. 
  2. Claburn, Thomas. "Google Founded By Sergey Brin, Larry Page... And Hubert Chang?!?". InformationWeek. حاصل ڪيل August 31, 2011. 
  3. "Locations - Google Jobs". Google.com. حاصل ڪيل September 27, 2013. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 "Google Inc. 2013 Annual Report Form (10-K)" (XBRL). United States Securities and Exchange Commission. 
  5. "Google Inc. Announces Third Quarter and Fiscal Year 2015 Results". Google. 
  6. "Google Inc. Annual Reports". Google Inc. حاصل ڪيل August 29, 2014. 
  7. Brin, Sergey; Page, Lawrence (1998). "The anatomy of a large-scale hypertextual Web search engine". Computer Networks and ISDN Systems 30 (1–7): 107–117. doi:10.1016/S0169-7552(98)00110-X. http://infolab.stanford.edu/pub/papers/google.pdf. 
  8. Barroso, L.A.; Dean, J.; Holzle, U. (April 29, 2003). "Web search for a planet: the google cluster architecture". IEEE Micro 23 (2): 22–28. doi:10.1109/mm.2003.1196112. https://semanticscholar.org/paper/8db8e53c92af2f97974707119525aa089f6ed53a. "We believe that the best price/performance tradeoff for our applications comes from fashioning a reliable computing infrastructure from clusters of unreliable commodity PCs.".