گوگل
Wikipedia طرفان
گوگل هڪ سرچ رٿا طور جنوري 1996ع ۾ ليري پيج (Lerry page) ۽ سرجي برن (Sergey Brin) شروع ڪيو هو، جيڪي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ڪيليفورنيا ۾ پي ايڇ ڊي جا شاگرد هئا. گوگل شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪا اهڙي ڳولا انجڻ Search Engine ٺاهجي، جيڪا ان دور جي ڳولا انجڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نتيجا گهٽ وقت ۾ ڏيکاري. گوگل جو شروعاتي نالو ”Back Rub“ هو. ان کان پوءِ 14 سيپٽمبر 1997ع ۾ گوگل ڪام جو domain رجسٽر ٿي ويو ۽ 7 سيپٽمبر 1998ع ۾ Google Inc نالي ڪوٺي کولي وئي. گوگل ڳولا جي دنيا کان سواءِ ٻيون به ڪافي شيون متعارف ڪرايون آهن، جن ذريعي اڄ دنيا ۾ ڪا به شَيِ ناممڪن ناهي رهي. اچو ته توهان سان انهن شين جو تعارف ڪرايون.
فهرست |
[سنواريو] لوڪل گوگل
گوگل پاڻ کي مختلف ٻولين ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجي لوڪل سروس شروع ڪري رهي آهي، جيڪا في الحال Beta آهي ۽ صرف يونائيٽيڊ اسٽيٽ وارا ڪم آڻي سگهن ٿا. گوگل موبائل: گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان پنهنجي موبائيل متعلق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. ان جي ايڊريس آهي: http://mobile.google.com.
[سنواريو] گوگل پرنٽ
گوگل جي هيءَ سروس دنيا جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. گوگل پرنٽ تي ڪنهن به ڪتاب يا اخبار جو نالو لکو. مثالاً گوگل سرچ باڪس ۾ لکو ”روزانه ڪاوش“.
[سنواريو] گوگل ڪٿڻي
گوگل جي هن سهوليت سان توهان به حساب جو نتيجو طريقي سان گڏ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال، گوگل سرچ باڪس ۾ لکو (3-5 ).
[سنواريو] گوگل وصف
گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان ڪنهن به لفظ جي معنيٰ يا تشريح معلوم ڪري سگهو ٿا. گوگ سرچ باڪس ۾ لکو: Define.personal computer.
[سنواريو] موويز
گُوگل موويز تي توهان موويز يعني فلمون ۽ انهن تي تبصرا پڻ ڏسي سگهو ٿا.
[سنواريو] فون بوڪ
گوگل فون بوڪ جي مدد سان توهان آمريڪا جي آفيسن يا گهرن جا نمبر ڳولي سگهو ٿا.
[سنواريو] گوگل موسم
گوگل ذريعي اوهان ڪنهن به شهر جي موسم بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال weather:hyderabad pakistan جنهن جي مدد سان اوهان حيدرآباد پاڪستان جي موسم جو حال معلوم ڪري سگهو ٿا.
[سنواريو] گوگل سفر
ڪنهن به هوائي اڏي جي موسم يا جهازن جي دير سوير جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل سرچ باڪس ۾ لکو، هوائي اڏي جو 3 عددي ڪوڊ ۽ لفظ ايئر پورٽ. مثال: airport code. گوگل يونيورسٽي: گوگل يونيورسٽيءَ جي مدد سان توهان ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وغيره جي ويب سائيٽ تي وڃي سگهو ٿا ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا .www.google.com/options/universities.html . گوگل ڊائريڪٽري: گوگل ڊائريڪٽريءَ ۾ توهان کي گوگل جي هر هڪ فيچر جي ڄاڻ ملندي. گوگل نقشا: هن سهوليت وسيلي توهان ڪنهن به علائقي جون سيٽلائيٽ تصويرون ڏسي سگهو ٿا.
[سنواريو] جي ميل
گوگل gmail نالي ڊومين تي برق ٽپال جي سهوليت پڻ ڏي ٿو، جيڪا توهان کي 2 جيگا ٻاٽڻ Giga Bytes اسٽوريج مهيا ڪري ٿي.
[سنواريو] گوگل ويڊيو
گوگل ويڊيو جي مدد سان توهان ڪا به فلم يا ڪو به ڊرامو يا گانو ڳولي سگهو ٿا.
مٿين کان علاوه گوگل جون ڪيتريون ٻيون به سهوليتون به آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي.
شروعاتي ڀاڱيداري: آفاق رفيق ميمڻ· /سنڌ يونيورسٽي