گرجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گُرجي:

گرجستان يا جارجيا ملڪ جا ماڻھو، جي اصل رشيا جي رعيت ھئا ۽ پوءِ رشيا ۽ ايران جي جنگ ۾ انهن مان قيد ٿي ايران ۽ ٻين پاسي ويا. اُتان ڪي گرجي ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ ميرن وٽ رهيا. انهن مان مکيه مرزا خسروبيگ هو، جنهن کي مير ڪرم علي خان پٽ وانگي پاليو. اِهي گرجي ٽي_ چار گھر هئا، جي هاڻي ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ حيدرآباد شهر جي ويجهو رهندا آهن. اُهي هئا مرزا خسرو بيگ، مرزا فريدون بيگ ۽ مرزا قربان علي بيگ. هڪڙو گھر مرزا يوسف جو ميرن جي قبن تي رهندو هو، ۽ هڪڙو گھر مرزا باقربيگ جو مانجھوءَ ۾ رهندو هو. انهن جو اولاد اڃا اتي آهي. اُهي مرزا سڏبا آهن. اصل عيسائي يا ڪرسچن هئا، پوءِ ننڍي هوندي ايران ۾ رهي مسلمان ٿيا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو