ڪڇڙ جي رسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪڇڙ جي رسم (انگريزي: Kachharr Rite) سنڌ ۾ ھڪ علائقائي رسم جو نالو آهي. پٽ ٻار پنجن مهينن جو ۽ ڌيءُ جڏهن ستن مهينن جي ٿيندي آهي تڏهن ڪڇڙ ڪندا آهن. ڪڇڙ تي به ڏاڏا ڳائڻ وڄائڻ ڀت پوت ٿيندا آهن، ان ڏينهن انهي ٻار کي ٻار جو ڪو وڏو، ڏاڏو، چاچو يا مامون، پهرين ڪڇ تي کڻندو آهي، ڪڇڙ ڏڻ وار ڏسي ڪنهن سڀاڳي ڏينهن تي ڪندا آهن. ٻي ڪڇڙ ٿيڻ کانپوءِ ٻار کي ڪڇ تي ڪير به کڻي سگهي ٿو. جيسين ڪڇڙ نه ٿيندي آهي تيسين ٻار کي رڳو هنج ۾ کڻندا آهن ڪڇ تي نه کڻندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}