ڪپ ڪچور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪپ ڪچور (ٻيا نالا: فارسي - زرنباد، بنگالي - ٿٽي، هندي - پياڪچورد، سنسڪرتڻ- ڪچور، انگريزي - Long Zedoary) هڪڙي قسم جي پاڙ آهي، جا هيڊ جئان ٿئي ٿي. هيءَ نر ۽ ماد ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، جن مان هڪ کي نرڪچور ۽ ٻيءَ کي ڪپ ڪچورو سڏيو وڃي ٿو. ڪپ ڪچور کي ڪچيءَ ۾ ٽهڪائي سڪايو وڃي ٿو ۽ نرڪچور صرف سڪائي، ٽڪرا ڪري هلائي وڃي ٿي. رنگ ۾ ڀوري، ذائقي ۾ تيز ۽ تلخ ٿئي ٿي.

طب[سنواريو]

مقدار خوراڪ: هڪ ماسي کان ٽن ماسن تائين.

پيدائش: هماليه جي اوڀر وارن علائقن ۾ هن جو ٻوٽو قدرتي طرح پيدا ٿيندو آهي.

خاصيت: هيءَ اُلٽي هٽائيندڙ، ريح وڃائيندڙ، وات کي صاف رکندڙ، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيندڙ آهي. بلغم کي خارج ڪري ٿي، بک وڌائي ٿي. هاضمي جي اصلاح ڪرڻ لاءِ مختلف معجونن ۾ شامل ڪئي ويندي آهي. نڙيءَ جي خارش ۽ وات جي بدبوءِ ڪارڻ مفيد ٿئي ٿي. خوشبودار ۽ کل جي سطح کي صفائي ڏيندڙ هئڻ سبب مختلف غازن ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي. خون جي بگاڙ کي پيدا ڪندڙ کل جي بيمارين لاءِ شافي اثر رکي ٿي. هنن جو ڪاڙهو دارچيني ۽ مٺي ڪاٺيءَ سان ڏنو وڃي، تہ نزلي، زڪام، کنگھ ۽ بخار ۾ فائدو ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.