ڪوپائي ڪٿا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪوپائي ڪٿا انگريزي اصطلاح ساگا (saga) لفظ جو انهن ڪھاڻين سان ٿيندو هو، جن جو واسطو ٻيٽن (island) يا اتر قطب ۽ ناروي جي ملڪن سان ٿيندو هو. هينئر ان اصطلاح کي هر ان تاريخي ڪٿا لاءِ استعمال ڪبو آهي، جن ۾ بھادرن، سورمن ۽ انهن انسانن جو ذڪر هوندو آهي، جن انساني نسلي سفر ڪيو آهي. هن قسم جون ڪھاڻيون ڪنھن خاندان جي تاريخ تي مشتمل ۽ سلسلن جي صورت ۾ هونديون آهن. اهڙو هڪ ڪتاب انڊس ساگا (Indus Saga) يا سنڌوءَ جي طويل ڪھاڻي اعتزاز احسن انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. ادب انقلابي، سنڌ جي تاريخ کي هن نئين انداز ۾ ”سنڌ جي ڪوپائي ڪٿا“ جي نالي سان لکيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.