ڪوٽ راڌا ڪشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوٽ راڌا ڪشن
كوٹ رادها كِشن
شھر
لرننگ اسڪول ڪيمپس
ڪوٽ راڌا ڪشن is located in Pakistan
ڪوٽ راڌا ڪشن
ڪوٽ راڌا ڪشن
ڪوٽ راڌا ڪشن is located in Punjab, Pakistan
ڪوٽ راڌا ڪشن
ڪوٽ راڌا ڪشن
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°09′23″N 74°06′03″E / 31.15639°N 74.10083°E / 31.15639; 74.10083مڪانيت: 31°09′23″N 74°06′03″E / 31.15639°N 74.10083°E / 31.15639; 74.10083
ملڪ  پاڪستان
صوبو پنجاب
حڪومت
 • چيئرمين ميونسيپل ڪاميٽي خالد ڀٽي جپاني
بلندي 216 ميل (709 ft)
آبادي (2012)
 •  ڪاٿو

 

3,17,000
چمڙي ۽ ڪنٽينرن جو شھر

ڪوٽ راڌا ڪشن(انگريزي: Kot Radha Kishan) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي قصور جي تحصيل جو صدر مقام آهي. مختصرن KRK. لکيو ويندو آهي. شھر چئن يونين ڪائونسلن ۾ ورھايل آھي.[1] شروع ۾ ھي شھر قصور تحصيل جو حصو ھيو. ھن شھر جي جاگرافيائي بيهڪ31°10'21N 74°5'59E ۽ الٽيٽيوڊ 193 ميٽر آھي. ھي شھر چمڙي جي صنعت ۽ ڪنٽينرن جو مرڪز آهي.[2]

مردم نگاري[سنواريو]

ھن شھر جي آبادي 155000 آھي ۽ سالياني واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو آھي. في گھر جي ڀاتين جي شرح 7.4 آھي. خواندگي جي شرح 69 سيڪڙو آھي. شھر جي چوڌاري واقع ٻھراڙيءَ جي آبادي 162000 کان مٿي آھي جنھن جي خواندگي جي شرح 53 سيڪڙو آھي.

صحت[سنواريو]

2014 ۾ ھتي 80 بسترن واري سرڪاري اسپتال قائم ڪئي وئي. رورل ھيلٿ سينٽر جي بہ ھڪ پبلڪ اسپتال ھئي جنھن کي تحصيل ھيڊڪوارٽرس اسپتال جو درجو ڏنو ويو. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ھتي 45 بسترن جي نور ھاسپيٽل جي نالي سان ھڪ اسپتال پڻ آهي.

تعليم[سنواريو]

تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ ٽي الڳ پبلڪ ھاء اسڪول آھن. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ کوڙ اسڪول واقع آھن جن ۾ ايجوڪيٽر ۽ دار ارقم شامل آهن. شھر ۾ ٻہ ڊگري ڪاليجون ڇوڪرن لاءِ ۽ ھڪ ڊگري ڪاليج ڇوڪرين لاء آهي. ھن شھر ۾ 170 تعليمي ادارا آھن.فيبروري 2002 ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن ڊولپمينٽ ٽرسٽ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ قائم ڪيو ويو. جنھن جو پھريون منصوبو لرننگ اسڪول ھيو[3] مقامي ماڻھن ان اسڪول جي قيام لاءِ ٻه ڪروڙ روپيا چندو ڏنو.[4] ھي اسڪول ضلعي جو واحد اسڪول آھي جيڪو ٽرانسپورٽ جي سھولت فراھم ڪري ٿو ۽ اھا سھولت 52 ڳوٺن تائين ڏنل آھي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. Tehsils & Unions in the District of Kasur - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2011-08-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. Location of Kot Radha Kishan - Falling Rain Genomics
  3. The Learning school
  4. The Learning School - Community Contribution, وقت 2016-04-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-17 
  5. The Learning School - Transport system, وقت 2016-04-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-17