ڪرشن ليلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرشن ليلا (سانگ) جو رواج سنڌ جي ھندن ۾ قديم دور کان رائج هو، جنھن کي ڏاڍي احترام سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو هو. ھنن سانگن ۾ رنگا رنگي ويس کان سواءِ بھترين ڪوتا، موسيقي رقص (نرتڪ) جو ميلاپ ھوندو اھي.”ڪرشن ليلا“ يا ”راس“ ۾ شري ڪرشن مھراج جي جمنا ڪناري تي گوپين سان راس رچائڻ جو منظر ھوندو اھي. قديم سنڌ ۽ قديم يونان جي قصن ۾ ڪيتريون ئي ھڪ جھڙايون بہ ڏٺيون ويون اھن. مثال طور ڪرشن ليلا ۾ شري ڪرشن مھراج جي ڪنس پاپيءَ سان جنگ ۽ اخر فتح نيڪي جي ٿئي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.