ڪراچي ڪنگز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچي ڪنگز
Karachi Kings
عرفيت دلين جو بادشاهه (lit. Kings of hearts)
ذاتي
ڪيپٽن پاڪستان عماد وسيم
ڪوچ ڏکڻ آفريقا مڪي آرٿر
مالڪ سلمان اقبال
معلومات ٽيم
شهر ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
رنگ
بنياد 2015؛ 9 سال اَڳُ (2015)
ميدان نيشنل اسٽيڊيم، ڪراچي
گنجائش 34,228
تاريخ
پي ايس ايل کٽيا 0

ڪراچي ڪنگز (انگريزي ٻولي: Karachi Kings، اردو: کراچی کنگز، مخفف: KKپاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي.[1] هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي،[2] ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي.[3] راشد لطيف کي 20 سيپٽمبر 2016ع تي ڪرڪيٽ آپريشنس جو ڊاريڪٽر مقرر ڪيو ويو.[4] اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي ٽيم جو صدر مقرر ڪيو ويو. ٽيم ۾ وڌيڪ رنسون ڪندڙ کلاڙي بابر اعظم آهي،[5] جڏهن گھڻا وڪيٽ وٺندڙ بالر محمد عامر آهي.[6]

مالڪاڻا حق

ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو.[7] هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي،[8] پر 2017ع ۾ ملتان سلطان سڀني کان وڌيڪ مهانگي ٽيم ثابت ٿي، جڏهن هن جو اٺ سالن لاءِ وڪرو 41.6 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ ڪيو ويو.[9]

2016 ۾ ڪارڪردگي

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2016ع ۾ ڪارڪردگي
روي ڀوپارا

ڪراچي ڪنگز دبئي عالمي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين راند کيڏي، جنهن ۾ آساني لاهور قلندرز کي شڪست ڏني، ان راند ۾ محمد عامر هيٽ ٽرڪ پڻ ڪئي.[10] ان کانپوءِ ڪراچي ڪنگز هڪ ٻي راند ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي ريت گروپ راندين ۾ 2 رانديون جي مقابلي ۾ 6 رانديون هارايائين. ڪراچي ڪنگز اسڪور ٽيبل ۾ ڇوٿين نمبر تي رهي، ۽ اڳيئن رائونڊ لاءِ ڪوليفاءِ ڪيائين. اسلام آباد يونائيٽڊ سان ميچ دوران شعيب ملڪ جي جڳهه تي روي ڀوپارا کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو،[11] ان مچ ۾ ڪراچي ڪنگز کي 9 وڪيٽن تان شڪست آئي ۽ ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[12]

2017 ۾ ڪارڪردگي

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2017ع ۾ ڪارڪردگي

ڪمار سنگرڪارا ۽ بابر اعظم، 2017ع ۾ ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ٿيا، هن سال اظهر محمود کي ڪوچ طور مقرر ڪيو ويو.[13] پهرين راند ۾ ڪراچي کي پشاور زلمي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ڇڏي.[14] ٻي راند ۾ ڪوئيٽا گليڊيٽرز پڻ ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني، هن راند ۾ ڪراچي ڪنگز 160 رنسون ٺاهيون.[15] شارجه ۾ ٿيل راند ۾ پڻ ٽيم هارائي وئي، هن دفعي ٻيهر ڪوئيٽا گليڊيٽرز شڪست ڏني. هن راند ۾ ڪمار سنگرڪارا ۽ شعيب ملڪ 101 رنسن جي ڀاڱيداري ڪئي پر تنهن باجود ٽيم راند کٽي نه سگھي..[16] اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ جي خلاف هئي ۽ ان ۾ ٽيم سوڀاري ٿي،[17] شارجه ليگ جي آخري راند ۾ پڻ ڪراچي ڪنگز سوڀاري ٿي ۽ پشاور زلمي کي پٺتي ڇڏي وئي.[18]

ٽورنامنٽ جا اڳيان راند دبئي ۾ ٿيا، جتي ڪنگز کٽڻ واري سلسلي کي برقرار نه رکي سگھي ۽ ڪوئيٽا گليڊيٽرز کان 6 وڪيٽن تان هارائي وئي. پهرين بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز 155 رنسون ٺاهيون، پر سهيل خان طرفان هڪ اوور ۾ 3 وڪيٽون وٺڻ باوجود، ٽيم 155 رنسن جو دفاع نه ڪري سگھي. هن شڪست سبب ڪراچي هڪ دفعو ٻيهر پوائنٽ ٽيبل ۾ آخري نمبر تي اچي وئي.[19] آخري راند جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن کي کٽڻو هو، انهي ۾ ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز کي آخري بال تي هارائي وڌو. 156 رنسن جو حدف پورو ڪرڻ لاءِ آخري 2 بالن ۾ 10 رنسو گھربل هيون، جنهن ۾ ڪيرون پولارڊ ٻنهي بالن ۾ ٻه ڇڪا هڻي راند کٽرائي ٽيم کي ٽورنامنٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان بچائي ورتو.[20]

هاڻ ڪراچي کي هر راند ۾ رنس جي سلسلي کي بحال رکڻو هو، اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ سان هئي، جنهن ۾ پڻ ڪاميابي ضروري هئي. مينهن سبب راند 15 اوورن تائين محدود ٿي وئي، جنهن ۾ اسلام آباد 124 رنسن جو حدف ڏنو، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز کي اڳيئن مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ 111 رنسون گھربل هيون. ڪريس گيل 17 بالن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، پر راند کٽائڻ ۾ پولارڊ هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪيو، ۽ آخر بال ۾ چار رنسو حاصل ڪيون ۽ ائين ڪراچي ڪنگز ان راند ۾ سوڀاري ٿي.

قسمت سان اڳئين مرحلي ۾ ٻيهر ڪراچي جو مقابلو اسلام آباد سان ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پهرين بيٽنگ ڪئي، ۽ سڄي ٽيم 126 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پر اسلام آباد جي ٽيم صرف 82 رنسون ٺاهي سگھي، جيڪو سڄي ٽورنامنٽ ۾ سندن گھٽ رنس هئا ۽ سڄي ٽورنامنٽ جي تاريخ ۾ ٻي نمبر تي گھٽ اسڪور هئا.[21] هن راند ۾ محمد عامر، عماد وسيم ۽ اسامه مير ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. ائين اسلام آباد جي ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[22]

2018 ۾ ڪارڪردگي

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2018ع ۾ ڪارڪردگي
شاهد آفريدي کي کلاڙي ۽ صدر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.

7 اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي کلاڙي ۽ صدر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. مچل جونسن جي جاءِ تي ٽيمل ملس کي شامل ڪيو ويو.[23] 2018 جي شروعات ۾ ٻهير ڪوئيٽا گليڊيٽرز ٻن راندين ۾ ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[24] اڳين راند ۾ ڪراچي پشاور زلمي کي سخت مقابلي بعد هارائي ڇڏيو، هن راند ۾ ٽيم 5 وڪيٽن تان کٽيو، جڏهن ته صرف 2 بال باقي هئا.[25] اڳين راند لاهور قلندرز سان هئي، 9 وڪيٽن جي نقصان سان ڪراچي 159 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ روي ڀوپارا 50 رنسون ٺاهيون، هن راند ۾ لاهور قلندرز کي 27 رنسن تان شڪست آئي.[26] 21 مارچ 2018ع تي لاهور ۾ کيڏيل راند ۾ پشاور زلمي ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[27] اڳين راند شارجا ۾ ٿي، جيڪا مسلسل مينهن سبب ختم ٿي وئي،[28] ٻي راند ۾ ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽد خلاف 154 رنسون ٺاهيون، پر اها راند اسلام آباد يونائيٽڊ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتي.[29]

ٽيم جي سڃاڻپ

ٽيم جو نالو ۽ نشان 21 ڊسمبر 2015ع تي هڪ تقريب ۾ جاري ڪيو ويو. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي.[30] هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.[31]

بحريا ٽائون، پاڪستان جي وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني ڪراچي ڪنگز جي ٽائيٽل جي اشتهاري ڪمپني آهي.[32] بحريا ٽائون کان سواءِ سمٽ بينڪ، آرڪيڊينز، اوئي هوئي، پيپسي، برائيٽو پينٽس، شيلڊ ڪارپوريشن ۽ نيا پاڪستان 2017ع ۾ هن ٽيم جون اشتهاري ڪمپنيون هيون.[33] برج پاور پلاٽينيم اشتهاري، ڪاٽن اينڊ ڪاٽن 2016ع ۾ سندس ڪپڙن جي ڪمپني، وائيٽل چانهه جي ڪمپني ۽ نشر اشاعت جي اشتهاري ڪمپني پاڪستان آبزرور هيون. 2017ع ۾ ٽيم جو ترانو ”ڌن ڌنا ڌن هوگا ري“ هو، جيڪو شهزاد روئي ڳايو.[34][35][36]

سال سامان جوڙيندڙ اڳين پاسي مشهوري پوين پاسي مشهوري ڇاتي تي مشهوري ٻانهن تي مشهوري
2016 اي جي اسپورٽس بحريا ٽائون سمٽ بينڪ آرڪيڊينز اوئي هوئي چپس، ڪي اليڪٽرڪ، شيلڊ، اگلو آئيس ڪريم
2017 برج پاور بيٽريز اوئي هوئي چپس، شيلڊ، ٽپال چانهه
2018 نورپور برائيٽو پينٽس, امتياز سپر مارڪيٽ, شيلڊ

رانديگر

ڪراچي ڪنگز
نمبر. نالو قوميت. پيدائش بيٽ بال شامل ٿيڻ جو سال پگھار وڌيڪ معلومات
بيٽس مين
6 جوئي ڊينلي انگلستان انگلينڊ مارچ 1986 (عمر 37–38 سال) ساڄو ساڄو، ليگ اسپين 2018 ٻاهريون
16 آئين مورگن انگلستان انگلينڊ سيپٽمبر 1986 (عمر 37 سال) کاٻو ساڄو ميڊيم 2018 ٻاهريون
24 مختار احمد پاڪستان پاڪستان ڊسمبر 1992 (عمر 31 سال) ساڄو ساڄو ليگ بريڪ 2018 تبديلي طور
41 ڪولين اينگرام ڏکڻ آفريڪا ڏکڻ آفريڪا جُولاءِ 1985 (عمر 38 سال) کاٻو ساڄو ليگ اسپين 2018 140,000 ٻاهريون
54 لينڊل سائيمنس ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز جنوري 1985 (عمر 39 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 ٻاهريون
56 بابر اعظم پاڪستان پاڪستان آڪٽوبر 1994 (عمر 29 سال) ساڄو ساڄو آف اسپن 2018 70,000
82 ڪولين منرو نيوزي لينڊ نيوزي لينڊ مارچ 1987 (عمر 36–37 سال) کاٻو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 ٻاهريون
142 خرم منظور پاڪستان پاڪستان جون 1986 (عمر 37 سال) ساڄو ساڄو آف بريڪ 2018 25,000
آل رئونڊر
9 عماد وسيم پاڪستان پاڪستان نومبر 1988 (عمر 35 سال) کاٻو سلو آرٿاڊوڪس 2018 70,000 ڪپتان
10 شاهد آفريدي پاڪستان پاڪستان مارچ 1980 (عمر 43–44 سال) ساڄو ساڄو ليگ اسپن 2018 140,000
11 محمد طحا پاڪستان پاڪستان آڪٽوبر 2000 (عمر 23 سال) کاٻو سلو آرٿاڊوڪس 2018 10,000
42 روي ڀوپارا انگلستان انگلينڊ مئي 1985 (عمر 38 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 50,000 ٻاهريون
96 ڊيوڊ ويس ڏکڻ آفريڪا ڏکڻ آفريڪا جون 1985 (عمر 38 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 25,000 ٻاهريون
97 دانش عزيز پاڪستان پاڪستان نومبر 1995 (عمر 28 سال) کاٻو سلو آرٿاڊوڪس 2018 تبديلي طور
98 حسن محسن پاڪستان پاڪستان جنوري 1998 (عمر 26 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 10,000
100 لوڪ رائيٽ انگلستان انگلينڊ مارچ 1985 (عمر 38–39 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 50,000 ٻاهريون
وڪيٽ ڪيپر
16 محمد رضوان پاڪستان پاڪستان جون 1992 (عمر 31 سال) ساڄو 2018 50,000
34 صفي الله نگش پاڪستان پاڪستان مارچ 1995 (عمر 28–29 سال) کاٻو 2018
بالر
5 محمد عامر پاڪستان پاڪستان اپريل 1992 (عمر 31 سال) کاٻو ساٻو تيز 2018 140,000
7 ٽيمل ملس انگلستان انگلينڊ آگسٽ 1992 (عمر 31 سال) ساڄو کاٻو تيز 2018 ٻاهريون
14 اسامه خان پاڪستان پاڪستان مئي 1994 (عمر 29 سال) ساڄو کاٻو ميڊيم فاسٽ 2018 25,000
22 محمد عرفان پاڪستان پاڪستان مئي 1995 (عمر 28 سال) کاٻو ساڄو تيز 2018 10,000
23 اسامه مير پاڪستان پاڪستان ڊسمبر 1995 (عمر 28 سال) ساڄو ساڄو ليگ اسپين 2018 25,000
25 مچل جونسن آسٽريليا آسٽريليا نومبر 1981 (عمر 42 سال) کاٻو کاٻو تيز 2018 70,000 ٻاهريون
201 مشتاق احمد ڪلهوڙو پاڪستان پاڪستان ڊسمبر 1978 (عمر 45 سال) ساڄو سلو آرٿاڊوڪس 2018 تبديلي طور
100 تابش خان پاڪستان پاڪستان ڊسمبر 1984 (عمر 39 سال) ساڄو ساڄو ميڊيم فاسٽ 2018 25,000

انتظاميه ڪوچ

شعيب ملڪ ڪراچي ڪنگز جو اڳوڻو ڪپتان
ڪمار سنگرڪارا 2017ع جو ڪپتان.
نالو منصب
سلمان اقبال (اي آر وائي گروپ) مالڪ
پاڪستان شاهد آفريدي صدر[23]
پاڪستان طارق وسيم سي اي او
پاڪستان راشد لطيف ڊاريڪٽر
ڏکڻ آفريڪا مڪي آرٿر ڪوچ
پاڪستان اظهر محمود اسسٽنٽ ڪوچ
پاڪستان محمد مسرور فلڊينگ ڪوچ
پاڪستان اسد علي ڊاڪٽر
پاڪستان سڪندر بخت تجزيه نگار

ڪپتان

نمبر. قوميت. کلاڙي شروعات ختم رانديون کٽيل هارايل برابر برابر ۽ هارايا نتيجو نه %
1 پاڪستان شعيب ملڪ 2016 2016 8 2 6 0 0 0 25.00
2 انگلستان روي ڀوپارا 2016 2016 1 0 1 0 0 0 0.00
3 سري لنڪا ڪمار سنگرڪارا 2017 2017 10 5 5 0 0 0 50.00
4 پاڪستان عماد وسيم 2018 2018 8 4 2 0 1 1 57.14
5 انگلستان ائين مورگن 2018 2018 3 1 2 0 0 0 33.33
6 پاڪستان محمد عامر 2018 2018 1 0 1 0 0 0 0.00

حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ ڄاڻ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.

نتيجا

پي ايس ايل ٽورنامنٽ

سال کيڏيا کٽيل شڪست برابر ۽ کٽيل برابر ۽ هارايل بغير نتيجي  % پوزيشن تت
2016 9 2 7 0 0 0 22.22 4/5 Play-offs
2017 10 5 5 0 0 0 50.00 3/5 Play-offs
2018 10 5 4 0 0 1 45.45 3/6 Play-offs
ٽوٽل 31 12 17 0 0 1 40.00 - 0 Titles

حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو

ٻين ٽيمن سان

Opposition دورانيو Mat کٽيا هارايا برابر ۽ کٽيا برابر ۽ هرايا بغير نتيجي ڪاميابي جي شرح
اسلام آباد يونائيٽڊ 2016–تاحال 9 4 5 0 0 0 44.44
لاهور قلندرز 2016-تاحال 6 4 1 0 1 0 66.67
ملتان سلطانز 2018–تاحال 2 1 0 0 0 1 100.00
پشاور زلمي 2016–تاحال 8 2 6 0 0 0 25.00
ڪوئيٽا گليڊيٽرز 2018–تاحال 6 1 5 0 0 0 16.67

حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ،آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپديٽ ڪيو ويو.

انگ اکر

وڌيڪ رنسون

قوميت. کلاڙي شروع ختم رانديون اننگ رنسون سرسري وڌيڪ اسڪور 100 50
پاڪستان بابر اعظم 2017 تاحال 22 21 693 36.47 66 0 6
انگلستان روي ڀوپارا 2016 تاحال 29 26 571 30.05 71* 0 3
پاڪستان شعيب ملڪ 2016 2017 19 19 359 22.43 51* 0 1
انگلستان جوئي ڊينلي 2018 تاحال 12 11 323 32.30 79* 0 3
ڏکڻ آفريقا ڪولين انگرام 2018 تاحال 12 11 243 34.71 68* 0 1

حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.

وڌيڪ وڪيٽون

قوميت. کلاڙي شروع ختم رانديون اوور وڪيٽ سرسري بهترين بالنگ 4 وڪيٽون 5 وڪيٽون
پاڪستان محمد عامر 2016 تاحال 28 97.2 26 25.57 3/7 0 0
پاڪستان عثمان خان 2017 تاحال 18 58.1 22 20.72 4/17 1 0
پاڪستان سهيل خان 2016 2017 14 49.2 20 18.00 3/23 0 0
پاڪستان اسامه مير 2016 تاحال 17 57.5 18 27.00 3/24 0 0
پاڪستان عماد وسيم 2016 تاحال 26 70.2 17 28.82 3/18 0 0

حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو

خارجي ڳنڍڻا

ڪراچي ڪنگز آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

حوالا

  1. "Pakistan Super League T20 in UAE seeks to rival India's IPL". 29 September 2015. http://www.emirates247.com/sports/local/pakistan-super-league-t20-in-uae-seeks-to-rival-india-s-ipl-2015-09-29-1.604988. Retrieved 3 December 2015. 
  2. "Imad Wasim appointed as new captain of Karachi Kings". http://dunyanews.tv/en/Cricket/413341-Imad-Wasim-appointed-new-captain-of-Karachi-Kings/. Retrieved 21 February 2017. 
  3. Majeed Jhamat. "Karachi Kings Team Sq­ for PSL 2016". Pakistan T20 Super League 2016. 
  4. "Rashid Latif joins kings as Director of cricket operations". http://www.pakpassion.net/ppforum/showthread.php?250644-Rashid-Latif-appointed-Director-of-Cricket-Operations-for-Karachi-Kings/. Retrieved 21 February 2017. 
  5. "Karachi Kings/Most runs". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  6. "Karachi Kings/Most wickets". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  7. "Pakistan Super League: Seven Companies fight it out to buy franchises". Express etribune. 3 December 2015. http://tribune.com.pk/story/1002853/pakistan-super-league-seven-companies-fight-it-out-to-buy-franchises/. Retrieved 3 December 2015. 
  8. "ARY Buys Karachi Kings team". http://arysports.tv/ary-buys-karachi-kings-team-in-psl/. Retrieved 18 December 2015. 
  9. Zeeshan Ahmed (1 June 2017). "PSL's newest team is Multan, worth $41.6 million". DAWN. https://www.dawn.com/news/1336755. Retrieved 6 August 2017. 
  10. "Karachi king's Amir took first ever hat-trick in PSL history". Dunya News. 2016-02-05. http://dunyanews.tv/en/Cricket/321350-PSL-T20-Karachi-Kings-win-toss-choose-to-field-. 
  11. "Malik steps down as Karachi Kings captain". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 19 February 2016. 
  12. "Karachi kings finished fourth in 2016 PSL". http://en.dailypakistan.com.pk/sports/match-highlight-islamabad-united-vs-karachi-kings-2nd-play-off/. Retrieved 23 February 2016. 
  13. "Babar, Gayle and Sangakkara joins kings for 2017 season". http://dailytimes.com.pk/sports/07-Oct-16/babar-gayle-sangakkara-to-join-karachi-kings-in-next-psl-iqbal. Retrieved 21 February 2017. 
  14. "Morgan 80* powers Peshawar to victory". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 11 February 2017. 
  15. "Rossouw, Sarfraz fifties flatten Karachi". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 11 February 2017. 
  16. "Lahore edge past Karachi despite Sangakarra fireworks". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 February 2017. 
  17. "Babar, spinners put Karachi on board". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 18 February 2017. 
  18. "Mir repels Afridi heroics to secure win for Karachi". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 20 February 2017. 
  19. "Clinical Quetta clinch playoff berth with victory". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 24 February 2017. 
  20. "Pollard last-ball six keeps Karachi alive". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 26 February 2017. 
  21. "Records/Lowest totals/Pakistan Super League". ESPN cricinfo. حاصل ڪيل 1 March 2017. 
  22. "Islamabad knocked out,Karachi stays in". حاصل ڪيل 1 March 2017. 
  23. 23.0 23.1 Zalmi Shahid Afridi joins Karachi Kings as president[مئل ڳنڍڻو], PKKH, 2017-4-6. Retrieved 2017-4-6.]
  24. "Quetta Gladiators winning streak against Kings comes to an end after 19 runs defeat". Dawn News. حاصل ڪيل 23 February 2018. 
  25. Majeed, Zohaib. "Karachi Kings go top of PSL 2018 points table with five-wicket win over Peshawar Zalmi". Dawn. حاصل ڪيل 25 February 2018. 
  26. "Qalandars tumble as Kings post 3rd win to lead points table". The News. حاصل ڪيل 27 February 2018. 
  27. http://indianexpress.com/article/sports/cricket/psl-live-score-live-streaming-peshawar-zalmi-vs-karachi-kings-pz-vs-kk-t20-5106046/
  28. "Rain abandons Multan-Karachi fixture". Samaa TV. حاصل ڪيل 2 March 2018. 
  29. Shetty, Varun. "Luke Ronchi decimates Karachi with 37-ball 71". ESPN Cricinfo. 
  30. "Karachi Kings logo unveiled ahead of PSL draft pick". ARY News. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  31. "Karachi Kings Official Team Kit & Logo PSL T20 2016". The News Tribe. حاصل ڪيل 2015-09-21. 
  32. "Karachi Kings finalizes sponsors — Bahria Town takes the lead". ARY News. حاصل ڪيل 2016-01-28. 
  33. "Proposed changes in psl to face resistance". http://tribune.com.pk/story/1093733/proposed-changes-in-psl-to-face-resistance/. Retrieved 4 February 2016. 
  34. "National Stadium cheered up with Pakistan Zindabad". 3 February 2017. https://www.samaa.tv/entertainment/2017/02/psl-2017-national-stadium-karachi-cheered-up-with-pakistan-zindabad/. Retrieved 4 February 2017. 
  35. "In focus: The Pakistan Super League 2 soundtrack". The News (Maheen Sabeeh). 9 February 2017. https://www.thenews.com.pk/magazine/instep-today/185090-In-focus-The-Pakistan-Super-League-2-soundtrack. Retrieved 25 February 2017. 
  36. "Karachi Kings partners with TCS Yayvo for official merchandise". ARY News. 7 February 2018. https://arynews.tv/en/karachi-kings-tcs-yayvo-com-official-merchandise/. Retrieved 9 February 2018.