ڪراچي چيني سفارتخاني مٿان حملو، 2018ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪراچي چيني سفارتخاني مٿان حملو
جڳهه ڪراچي، سنڌ
تاريخ 23 نومبر، 2018
صبح 9:30 – منجھند 12:15
حدف چيني سفارتي عملو
قسم حملو
فائرنگ ۽ گرنيڊ سان ڪيل حملو
فوتگيون 3 حملي آور
2 پوليس اھلڪار
2 شھري
حملو ڪندڙ بلوچ لبريشن آرمي

ڪراچي ۾ موجود چيني سفارتخاني تي 23 نومبر 2018ع تي صبح جو 9:30 جو ٽن حملي آوارن فائرنگ ڪري ڏني. حملي آورن سميت 7 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا جڏھن تھ سفارتي عملي محفوظ رھيو.[1] [2]

حملو[سنواريو]

ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ موجود چيني سفارتخاني تي 23 نومبر 2018ع تي صبح جو 9:30 جو ٽن حملي آوارن فائرنگ ڪري ڏني. حملي کان پوءِ عمارت مان دونھي کي اٿندي ڏٺو ويو. حملي آورن سب کان اڳ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنھن کان پوءِ دستي بم اڇليا ويا.[3] حملي ۾ ٻھ پوليس اھلڪار، بھ شھري جيڪي ويزا جي معلومات لاءِ اتي موجود ھئا ۽ ٽي حملو آور مارجي ويا.[1] حملي جي زميداري بلوچ علحدگي پسند تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي.[4] سنڌ رينجرس جي ترجمان 12:15 مجھند جو اعلان ڪيو تھ سفارتخاني ۾ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آھي.[3]

سنڌ پوليس جي اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر ٻه ڪلاڪ جنگ جي کي سنڀاليو ۽ پنهنجي ساٿي جي اڳواڻي ڪئي، هوءَ چيني قونصل خاني جي حفاظت ڪندي رهي ۽ سڀني ٽنهين حملي آورن کي ماري ڇڏيائين. [5]

رد عمل[سنواريو]

  •  پاڪستان: پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پاران واقعي کي سي پيڪ کي ناڪام بنائڻ جي سازش قرار ڏنو ويو.[1]
  •  ڀارت: ھندوستان جي وزير خارجھ ھڪ بيان ۾ حملي جي مذمت ڪندي ملوث جوابدران کي ڪٽھري ۾ آڻڻ جي گهر ڪئي.[1]
  •  چين: چائينا پاران سندن سفارتخاني تي حملي جي مذمت ڪندي، پاڪستان کان گهر ڪئي وئي تھ اھي چيني شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين.[6]
  •  جرمني: پاڪستان ۾ جرمن ڪونسليٽ جنرل مائيڪل ڪوبلر پڻ حملي جي مذمت ڪئي.[7]

حوالا[سنواريو]