ڪاھو جو آفيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاهو جو آفيم (اردو: افيون کاهو، انگريزي: Salad Lotuce (opium of) باغن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاهوءَ جي ٿڙن کي چير ڏئي رس ڪڍي ويندي آهي، جنهن کي ڄمائي ڪتب آڻيندا آهن. هي آفيم رنگ ۾ ڀورو مزي ۾ ڪوڙو ۽ بوءِ ۾ عام آفيم جئان ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

مزاج: سرد خشڪ 4 درجي ۾. مقدار خوراڪ: ٻن چانورن کان هڪ رتي تائين.

هي بہ عام آفيم جئان نشو آڻيندڙ (Anaesthetic) سور وڃائيندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ ٿئي ٿو. مگر هن جو تاثير هن کان ڪي قدر گهٽ ڏٺو ويو آهي. هن جي استعمال کان خشخاش واري آفيم جئان نہ تہ قبض پيدا ٿئي ٿي، نه وري هاضمي تي ڪو خراب اثر پوي ٿو. تجربي مان ثابت ٿيو آهي، تہ (ڪاهو جو آفيم) هـُـن آفيم کان هر حال ۾ (سواءِ مقوي تاثير جي) گهٽ نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ هن جي کائڻ سان يا ان کان پوءِ بدن جي سستي ۽ ڪمزوري پيدا نٿي ٿئي، نہ وري رئيس عضوا ايڏو ڪمزور ٿين ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.