ڪامل پهچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪامل پهچ يا اِنٽيگريٽيڊ اَپروچ (Integrated Approach) جو پسمنظر هي آهي ته 1979ع ۾ افغانستان ۾ سوويت فوجن جي اچڻ سان ڏکڻ ايشيا جو علائقو’ سرد جنگ‘ جو مرڪز بڻجي ويو ۽ ’طاقت جو توازن‘ سويت يونين جي فائدي ۾ هليو ويو. ان صورتحال ۾ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن پنهنجي ملڪي مفادن جي حفاظت، اُنهن جي واڌاري ۽ ايشيا ۾ سوويتن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ لاءِ هيءَ خاص پهچ شروع ڪئي. ان پهچ جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ نئين سر مڪمل طور آمريڪي اثر قائم ڪرڻ هو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. Integrated Approach | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-02-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-14