ڏاٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏاٽو (sickle) ھڪ قديم ۽ سادو اوزار آھي. ڏاٽي جي بناوت ۾ ڪاٺ جو ھڪ ڳن ھوندو آھي جيڪو نئين چنڊ جي شڪل جھڙي ڇري سان ڳنڍيل ھوندو آھي، جنھن جي اندرين پاسي ننڍڙا پر تکا ڏندا نڪتل ھوندا آھن. ڏاٽن ذريعي گاھ ۽ ٻوٽا ڪٽيا ويندا آھن. جڏھن تہ فصل پچي تيار ٿي تہ ان وقت لابارو بہ ڏاٽي سان ڪيو ويندو آھي.