ڌڙڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:Infobox symptom


ڌل جو ڌڙڪو: اختلاج: پلپيٽيشنس: Palpitations:ھينئون منجھڻ:

ڌڙڪو اھڙي حالت کي چئبو آهي جنھن ۾ دل تيزيءَ سان ھلندي آھي ۽ ڪو ڪو ڌڪ ڇڏي ويندي آهي. ان ڌڙڪي کي سيني ۽ ڳيچي ۾ باقاعده محسوس ڪبو آھي . اڪثر ڌڙڪو ذھني دٻاءُ stress، ذھني پريشاني anxiety، ڪيفين caffeine، نڪوٽين nicotine يا شراب alcohol جي ڪثرت سان استعمال جي ڪري ٿيندو آهي. پيٽ سان عورتن ۾ بہ اھا حالت ٿيندي آهي. ڪڏھن ڪڏھن ڌڙڪو دل جي نازڪ حالت جي علامت بہ ھوندو آھي، تنھن ڪري ڌڙڪي جي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ھڪ مناسب عمل ھوندو آھي خاص طور تي ان وقت جڏهن ڌڙڪي سان گڏسھڪو، مٿي کي چڪر، سيني ۾ سور، مدھوشي پڻ محسوس ٿئي[1]

حوالا[سنواريو]