ڊيليگيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وفد، نمائندا، اختياراتي عمل يا ڊيليگيشن (Delegation) ڪنهن به ڪانفرنس، ميڙ يا نمائندي اجلاس ۾ لاڳاپيل مختلف ڌرين جي موقف کي بيان ڪرڻ لاءِ، هر ڌر طرفان واضح هدايتون ۽ حڪم ڏيئي ماهرن ۽ عملدارن تي ٻڌل سڄاڻ فردن جو هڪ جٿو نمائندگيءَ لاءِ موڪليو ويندو آهي، جنهن کي وفد/نمائيندا سڏيو ويندو آهي. اهو وفد پيرائتي انداز ۾ ثبوتن سان پنهنجي ڳالھ بيان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي اختيار ڪيل موقف جي حمايت لاءِ پڻ ماحول سازگار ڪندو آهي. سياست کان سواءِ سائنس، معيشيت، صحت، ثقافت ۽ اَڻ ڳڻين ٻين شعبن ۾ رياست يا قوم جي ترقي، سگهه ۽ روايتن جو اظهار هن طريقي سان ئي ڪيو ويندو آهي، دنيا ۾ تڪرارن جي حل کان وٺي امن جي بحالي ۽ شعبن ۾ سھڪار جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ سفارتڪاريءَ جي شعبي ۾ به هي اصطلاح اڪثر استعمال ٿيندو رهيو آهي. جنهن مطابق نه رڳو اهم سفارتڪارن جو هڪ گروپ جوڙي کيس خاص مقصد سونپيا ويندا آهن، پر خاص اختيار ڏيندي قومي اظهار جو ذريعو بڻايو ويندو آهي، ڪنهن به سفارتڪار کي، جڏهن به ڪنهن خاص مقصد جي پوئيواري ڪرڻي هوندي آهي ته کيس اهي خاص اختيار، حق ۽ واسطا به ڏنا ويندا آهن، جن جي استعمال سان گهربل مقصد پورا ٿي سگهن، بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ادارن طرفان فردن کي ۽ فردن طرفان انتظامي ۽ ٻيا معاملا هلائڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن کي اختيارن جي منتقليءَ واري عمل کي به مٿي ڏيل اصطلاح ذريعي پڌرو ڪري سگهبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]