ڀونگ شريف جي مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀونگ شریف مسجد
بھونگ شریف مسجد

ڀونگ شریف مسجد
ڀونگ شريف جي مسجد is located in Pakistan
ڀونگ شريف جي مسجد
پاڪستان
بنيادي ڄاڻ
جاءِ ڀونگ شریف، رحيم یار خان ضلعو، پنجاب، پاڪستان
مقانيت 28°25′23″N 69°54′41″E / 28.42306°N 69.91139°E / 28.42306; 69.91139مڪانيت: 28°25′23″N 69°54′41″E / 28.42306°N 69.91139°E / 28.42306; 69.91139
وابستگي اسلام
تفصيل تعميرات
قسم اڏاوت مسجد
بنياد جو پٿر 1932ع
مڪمل سال 1982ع

ڀونگ شریف مسجد صوبي پنجاب جی ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ، ڀونگ شریف ۾ واقع آهي.[1] مشهور ۽ خوبصورت مسجد ڀونگ شريف جي تعمير جو بنياد 1932ع ۾ ڳوٺ ڀونگ تعلقي صادق آباد ۾ رکيو ويو، هيءَ مسجد پنهنجي بناوٽ ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري هنڌين ماڳين مشهور آهي ۽ اسلامي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو آهي.

ان جي تعمير کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصو لڳو، پر پوءِ به ان جي زيبائش جو ڪم هلندو رهي ٿو. مسجد جي اڏاوت لاءِ سامان ۽ ماهر ٻين ملڪن کان به گهرايا ويا ۽ 1000 جي لڳ ڀڳ محنتي مزدورن ان جي تعمير ۾ حصو ورتو. ان جي زيبائش ۾ سون جو استعمال به ٿيو. هن مسجد جي تعمير اتي جي زميندار رئيس غازي محمد مرحوم سال 1951ع ۾ شروع ڪرائي، جنهن جي زيبائش جو ڪم وقت بوقت هلندو رهي ٿو. هن ڪم ۾ رئيس غازي محمد مرحوم جي سموري زمين ۽ ملڪيت خرچ ٿيندي رھي. ھن مثالي ۽ خوبصورت مسجد جو ٺهرائيندڙ رئيس محمد خان نھايت محبت ڀريءَ طبيعت جو مالڪ ھو. عشق رسول محمد صلي الله عليه وسلم سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھو. فقيرن ۽ ولين جو ته خادم ھو. انڍڙ قبيلي جي رھبر سلطان العارفين سان سندس والھانه محبت ھئي. مسجد ڀونگ شريف کي پنھنجي ديده زيب تعمير ۽ تزئين سبب 1986ع ۾ آغا خان ڪلچرل اوارڊ ملي چڪو آھي. ھن اوارڊ جي حصول لاءِ دنيا جي پنجن ئي کنڊن، ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ آسٽريليا مان لڳ ڀڳ 23 پراجيڪٽ مقابلي لاءِ پھتا ھئا، جن مان مسجد ڀونگ شريف پھرئين نمبر تي رھي، ان کان سواءِ انٽرنئشنل جيوريءَ جي ميمبرن مراڪش جي ولي عھد ۽ اردن جي ولي عھد پاران مسجد جي تعمير ڪندڙ ڪاريگرن لاءِ 50 ھزار ڊالر انعام طور ڏنا ويا. جڏهن ته مسجد جي خدمتن عيوض رئيس غازي محمد کي 2004ع ۾ صدارتي اوارڊ ”ستاره امتياز“ سان به نوازيو ويو ۽ مسجد جي تصوير واري ٽپال ٽڪلي به جاري ڪئي وئي. ان ديده زيب مسجد کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا. [2]

حوالا[سنواريو]