ٿيسارس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پيٽر مارڪ روجي(Peter Mark Roget)جو ڦوٽو جنھن سڀ کان پهرين جديد ٿيسارس لکي


ٿيسارس __(Thesaurus):

هم معنيٰ ۽ ساڳئي تصور وارن لفظن جي فهرست تي مشتمل ڪتاب يا لغت. [1]ٿيسارس ھڪ ريفرنس بڪ آھي جنھن ۾ لفظن جي لسٽ ۾ ساڳئي گروپ وارا ھم معني لفظ (synonymous) ۽ ڪڏهن ڪڏهن لفطن جا ضد (antonymous) پڻ ڏنا ويندا آهن. لفظن جي اھا لسٽ الف ب واري ترتيب ۾ ھوندي آھي .ان ھوندي بہ اھا ڊڪشنري کان مختلف ھوندي آھي جنھن ۾ صرف لفظن جي معني يا تعريف ڏنل ھوندي آھي.پيٽر مارڪ روجي ھن جديد ريفرنس بڪ جو خالق آهي.[2] تاريخ ۾ ٿيسارس نموني ڪتاب جو ذڪر ٻين صدي عيسويءَ ۾ موجوده لبنان جي قديم شھر ببلاس (Byblos) ۾ ملي ٿو جتي يوناني ٻوليءَ جي گرامردان ھيرينئس فلان (Herennius Philon) ان جيان ڪتاب لکيو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ امراسمھا نالي اسڪالر امراڪوش (Amarakosha) نالي سان اھڙو ڪتاب لکيو. پر جديد ٿيسارس روجي واري آھي جيڪا 1805 ۾ پيٽر مارڪ روجي Peter) (Mark Roget ۾ لکي ۽ 1852 ۾ شايع ڪئي وئي ۽ ان سال کان پوءِ لاڳيتو اڄ تائين ڇپجندي پئي اچي ۽ اھا دنيا۾ انگريزيءَ جي اڄ به مشھور ٿيسارس آھي.[3]

نالو ۽ معني[سنواريو]

لفظ ٿيسارس (Thesaurus) سورھين صديءَ جي نئين لاطيني زبان جي لفظ thēsaurus مان نڪتل آهي جيڪو يوناني ٻوليءَ جي لفظ θησαυρός يعني thēsauros جو لاطيني ترجمو آھي جنھن جي معني آهي خزانو يا ڀانڊو (storehouse) [4]. لفظ thēsauros جو اشتقاق غير معروف آھي ڊگلس ھارپر (Douglas Harper) مطابق ان جو ڌاتو يوناني ٻوليءَ جو فعل τιθέναι يعني ٽيٿينائي آھي جنھن جي معني آھي "رکڻ"..[5]

'

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Roget, Peter. 1852. Thesaurus of English Language Words and Phrases.
  3. Introduction - Oxford Scholarship. doi:10.1093/acprof:oso/9780199254729.001.0001/acprof-9780199254729-chapter-1. http://www.oxfordscholarship.com/view/10.1093/acprof:oso/9780199254729.001.0001/acprof-9780199254729-chapter-1. Retrieved 26 March 2018. 
  4. hp?term=thesaurus "thesaurus" آرڪائيو ڪيا ويا 2015-05-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Online Etymology Dictionary.
  5. "thesaurus". Online Etymology Dictionary.