پير مغان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پير مغان (انگريزي: pir-e-mughan)، حافظ شيرازي جي شاعري جو بنيادي ڪردار آهي.

حافظ جي شاعري مطابق پير مغان، هڪ سياڻو پير آهي، جنهن سان حافظ جي وابستگي آهي. پير مغان جي معني آتش پرستن جو پيشوا، آتش خاني جو مُجاوِرُ يا شرابخاني جو مالڪ آهي.[1] حافظ پير دانا، پير ما، پير خرابات، پير ميفروشان، پير ميخانه، پير صحبت پڻ پير مغان لاءِ استعمال ڪيا آهن.[2] پير مغان جو گھڻو استعمال شراب ۽ مئڪده بابت شاعري ۾ استعمال ٿيو آهي،[3] ڇو ته حافظ ۽ رومي جي شاعري ۾ پير مغان جو اصطلاع شراب وڪڻيندڙن لاءِ استعمال ٿيو آهي.[4]

حوالا[سنواريو]