ٽاريڊو روڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽاريڊو روڊ جنهن کي رڳو ٽارڊيو به سڏين ٿا، ڪراچي زم زما ايوينيو وانگر ممبئيءَ جو رهائشي علائقو به آهي ته ڪمرشل علائقو به. جتي ’ڪراس روڊ‘ نالي ممبئي جو سڀ کان وڏو شاپنگ مال آهي، جتان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. امپيريل ٽاور نالي ٻه 60 ماڙ اتاهيون عمارتون آهن، جيڪي انڊيا جون ڊگهي ۾ ڊگهيون عمارتون چئي سگهجن ٿيون اهي به هتي ئي آهن. ٽاريڊو روڊ ممبئي جو هڪ اهم روڊ آهي، جيڪو اتر ۾ حاجي علي درگاهه کان شروع ٿئي ٿو ته ڏکڻ ۾ نانا چوڪ تائين هليو وڃي. هن روڊ جو هاڻ سرڪاري نالو پنڊت مدن موهن مال ويا روڊ رکيو ويو آهي، پر ماڻهن جي وات تي اڄ به ٽارڊيو روڊ آهي، جنهن جو ڪارڻ شايد اهو هجي جو نوان نالا ڊگها هجڻ ڪري ماڻهو پراڻن کي ئي چهٽيا پيا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-08