وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گورک جو ھڪ خوبصورت منظر
گورک جو ھڪ ريسٽورنٽ


گورک هل اسٽيشن سنڌ جي حَسين ترين ۽ ٿڌي ترين جابلو چوٽي آهي. کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 5,689 فوٽ (1,734 ميٽر) جي اوچائي تي، دادو شهر کان 94 ڪلوميٽر (58 ميل) اتر اولهه ۾ گورک هل اسٽيشن ضلعي دادو، جوهي تعلقي ۾ واقع آهي. گورک هل اسٽيشن دادوءَ کان 92 ڪلوميٽر،جوهيءَ کان 74 ڪلوميٽر ۽واهي پانڌيءَ کان 50 ڪلوميٽر اولھ-اُتر طرف آهي. گرمين ۾ هت تمام گهڻي ٿڌي ۽ خوشگوار موسم آهي. هن وقت گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ڪافي ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن. هت هوٽل ۽ رهائش لاءِ ريسٽورنٽ پڻ موجود آهي. واهي شهر مان گورک لاءِ نجي سواريءَ موجود آهي.