وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاکو ڦلاڻي

لاکو ڦلاڻي (Laakkho Phulaanni)، سنڌ جو اھو مشھور تاريخي ڪردار آھي، جنھن سنڌ ۾، سنڌين جي مستقل ۽ پڪي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: سنڌ جي سورھيه لاکي ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات واري پاسي وڏيون سوڀون ڪيون ۽ ويرين کي سدائين شڪست ڏنائين ته  جيڪڏھن لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تي نظر ڪئي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته لاکي رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي پاڙ پٽڻ لاءِ جيڪو لوڙھين ھڻڻ جو عمل شروع ڪيو، اھو تاريخي لحاظ کان جائز ھو. سنڌ جي سگهڙن لاکي ڦلاڻيءَ کي ’ستن سورهين‘ ۽ ‘ڏهن ڏاتارن‘ ۾ ڳڻيو آهي. لاکي جي ھڪ خوبي ھيءَ ھئي ته ھو ڦُريندو لُٽيندو، وڏيرن ۽ سردارن کي ھو ۽ ماريندو ۽ رت وھائيندو ھو، سدائين ٻاھرين، وطن جي ويرين کي، ارغونن ۽ ترخانن جي پَٺن کي، جيڪي سنڌ ۾ کين آڻڻ لاءِ جاکوڙ ۾ ھئا ۽ تاريخ شاھد آھي ته جڏھن لاکي کي پنھنجن ئي مارايو تڏھن ارغونن سنڌ ۾ اچي جيڪي ويل وھايا، اھي ڪنھن کان به ڳجھا نه آھن. لاکو ڦلاڻي نه رڳو وطن دوست حڪمران ھو پر ھو سورھيه ۽ سخي به ھو. ھو سنڌ جي تاريخ ۾ ستن سورھين ۽ ڏھن ڏاتارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏھن لاکي، مھر راڻيءَ سان شادي ڪري ڄڃ وٺي، پراڻ ڪنڌيءَ پھتو، تڏھن پراڻ نديءَ جي وڻن، ٽڻن کي، ڪپڙا پھرائي سينگاريائين ۽ چوڻ لڳو ته، ڪنڌيءَ جا اھي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آھن ۽ جيڪي ڪجھ انھن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ ته اسان جي ڏات آھي، اھا وري واپس ڪانه وٺب