وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/اڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

"ڪليوڳ (ھلندڙ جھگڙالو دؤر) ۾ ھر شيءِ وڌڻ بدران گھٽجي رھي آھي، ڌيان ڪجي ته ھر پل، ھر گھڙي، ھر گذرندڙ ڏينهن اوھانجي جيون مان ڪجھ نه ڪجھ گھٽائي رھيو ھجي ٿو. پر ٻيو پاسو ڏسجي ته ھر گذرندڙ ڏينهن اوھانجي جيون ۾ ڪجھ نئون پڻ آڻي رھيو ھجي ٿو، پراڻي سار جي جاءِ تي ڪجھ نئي سار، پاڻ کي سنوارڻ ۽ ڪجھ نئون ڪرڻ لاءِ نئون موقعو ڏيون وڃي ٿو.جيئن ته ڪل يوڳ ۾ ھر شيءِ پٺتي پئجي رھي آھي تيئن جيون جي ھر ھڪ پھلوء ۾ پڻ گھڻو ڪجھ گھٽجي رھيو ھجي ٿو. موجوده وقت ۾ ھر گذرندڙ گھڙيءَ ماڻھن مان اخلاقي قدر پڻ گھٽائي رھي ھجي ٿي. جيئن ھر گذرندڙ گھڙيءَ ۾ انساني جيون ۾ ٻيو سڀ گھٽجي رھيو ھجي ٿو تيئن ماڻھن ۾ ھڪٻئي لاءِ احساس، سڪ اڪير ۽ پريم جون ڀاونائون پڻ وڌڻ بدران گھٽجي رھيون ھونديون آھن. اھڙي ريت ھر گذرندڙ گھڙي ماڻھن ۾ پريم وڌڻ بدران گھٽجي رھيو ھجي ٿو، جنھن جي جاءِ تي مسئلا وڌڻ لڳندا آهن ۽ توھان جي پريم کي ٽوڙڻ ۽ ان کي ناش ڪرڻ جي لاءِ سڄو جڳ توھانجي جي پريم سامھون ھڪ بند ٻڌڻ ۾ لڳو پيو ھجي ٿو، ھڪ پاسي ٻه ماڻهو، انھن جي وچ ۾ پريم ۽ ٻي پاسي مخالفت ۾ سڄو جڳ کڙو ھجي ٿو. پريم ته ھر گذرندڙ گھڙيءَ عشق مجازي کان عشق حقيقيءَ ڏانهن ياترا جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا ھجي ٿو، پر ان سڀ ھوندي به اسان الائي ڇو پريم جو نالو ٻڌڻ سان ئي پريم ۾ اسڦل ٿيندو محسوس ڪندا آهيون. اھو سڀ گھڻو ڪري انڪري ٿئي ٿو ڇوته ھن ڀوتڪ جڳت ۾ ڪجھ به سدائين لاءِ ساڻ نٿو ھلي سگھي. ھن ڀوتڪ جڳت ۾ ھر شيءِ ناش ڏانهن وڌي رھي آھي، ھر شيءِ نشٽ ٿيڻي آھي، ھي جيون به، انسان به، ان جون ڀاونائون، ملڪيت، پريم ۽ جيون بہ، سڀ پنھنجي انت ڏانھن وڌي رھيو آھي." - جوڳي اسد راڄپر #ج_ا_ر