ويھند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ويھند
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 422: No value was provided for longitude.
مقام خيال آهي تہ اٽڪ جي اتر م درياه سنڌ جي اوڀرندي ڪپ تي
علائقو پنجاب، پاڪستان (عربن جي دؤر ۾ سنڌ جو حصو ھيو)
قسم قديم ڦٽل شھر جنھن جو تاريخ ۾ ذڪر ٿيل آهي
تاریخ
دور سنڌ م عربن جي آمد ۽ ان کان اڳ وارو زمانو
ثقافت سنڌو سڀيتا
مضافت عربن جو دؤر

ويھند(انگريزي: Wehand) ھڪ قديم شھر جيڪو عربن جي دؤر ۾ سنڌ جو حصو ھيو. جنت السنڌ مطابق: ويهند جي جاءِ وقوع متعلق ڪنهن به سنڌ جي مؤرخ بيان ڪين ڏنو آهي ته هيءَ رياست ڪهڙي هنڌ تي هئي. مولوي نور محمد نظاماڻي مرحوم ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-2، ص – 173 تي فقط ايترو لکيو آهي ته ويهند هڪ عظيم الشان شهر هو، جو منصوره کان به زياده آباد هو؛ ان جي چوڌاري باغ هئا ۽ اتي سڀ ڪاشيءِ سستي هئي [1] . مسٽر عبدالغني عبدالله ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-2، صفحي 4 ۽ 5 ۾ سنڌ جي خودمختيار رياستن جو ذڪر ڏنو آهي، پر ويهند جي نالي نشان کان گويا بي خبر آهي.[2] سنڌ جي هيءَ رياست ’گنڌارا‘ به سڏبي هئي. سندس تختگاه ’ويهند‘، اٽڪ کان ٿورو مٿڀرو مهراڻ جي اوڀرندي ڪپ تي هو. سندس الهندي ۾ چارسده (پشڪالاوتي) ۽ اڀرندي ۾ تشڪلا (ٽئڪسلا) هو. هندستان جي پراڻن شهرن مان هو. هتي جو راجا هندو هو، پر رياست اندر مسلمانن جي آبادي هئي سلطان محمود غزنويءَ پشاور فتح ڪرڻ کان پوءِ مٿس قبضو ڪيو هو.[1] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 تاريخ سنڌ، ڀاڱو-2: مولوي نور محمد نظاماڻي، ص 173، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ، 1933ع.
  2. تاريخ سنڌ، ڀاڱو-3: عبدالغني عبدالله، ص 4-5، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ، 1941ع.
  3. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي