وزيرستان جون ٽڪريون
Appearance
وزيرستان جون ٽڪريون ڪرم لڪ ۽ گومل لڪ جي وچ واري جابلو علائقي کي وزيرستان جون ٽڪريون سڏيو ويندو آهي.گومل ، ڪرم ۽ ٽوپي نديون ھن علائقي مان وھن ٿيون. ٽوپي لڪ ذريعي غزنيءَ تائين پھچي سگهجي ٿو جيڪو افغانستان جو ھڪ مشھور تاريخي شھر آهي. گومل لڪ افغانستان سان واپار لاءِ مشھور آهي. ديري اسماعيل خان ۽ بنو جون فوجي ڇانوڻيون ھنن ٽڪرين ۾ قائم آھن.