واپرائيندڙ:وحيد مستوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مورو.وحيد رزاق مستوئي مورو جي جتوئي خاندان مسلم ليگ ”ن“ کان مايوس ٿيل، ۽ غلام مرتضى جتوئي پاران پنهنجي وزارت تان استعفى کانپوءِ پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت مورو، نوان جتوئي، مٺياڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقي جي ماڻهن ۾ چوٻول زور شور سان بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. جڏهن ته هن ڀيري به اهو ئي معلوم ٿيو آهي ته استعفى ڏيندڙ وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي کانسواءِ جتوئي خاندان جا سمورا فرد پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان تمام ويجهو اچي پهتا آهن، ياد رهي ته ڪجھ مهينا اڳ پڻ اهي افوااھ گردش ۾ هئا ته جتوئي خاندان جلد پ پ ۾ شامل ٿي ويندو پر ان چوٻول ۾ ڪابه تصديق نه نڪتي نه ڪا صداقت رهي جڏهن ته هڪ دفعو ٻيهر ساڳيا افواھ زڳ کان به وڌيڪ گردش ڪرڻ لڳا آهن ته ڪجھ ڏينهن اڳ تڪ پي ايس 19 جي چونڊيل ايم پي اي رئيس عاقب خان عرف غلام رسول خان جتوئي جي سابق صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ڳالهين کي آخري مرحلي تائين پهچايو ويو آهي ۽ تمام جلد اهو فيصلو سامهون اچي ويندو ته جتوئي خاندان پ پ ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن ته جتوئي خاندان پاران پ پ شامل ٿيڻ کانپوءِ جتوئي خاندان کي هڪ وزارت پڻ ڏني ويندي ۽ هڪ قومي ۽ ٻن تڪن تي صوبائي سيٽ پڻ ڏني ويندي ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته وفاقي وزير مسلم ليگ ن کان ناراض غلام مرتضى خان جتوئي جون ڳالهيون پڻ هلندڙ هيون جيڪي آخري مرحلي ۾ اچي ويون آهن ڪجھ باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته غلام مرتضى جتوئي، عاقب خان جتوئي ۽ ٻين جتوئي خاندان جي فردن پاران سڀاڻي(اڄ) پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن پاران مسلسل نظر انداز ڪرڻ ۽ وزارت تان استعفى بعد ڪا به موٽ نه ملڻ تي مايوس ٿي جتوئي خاندان اهڙو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته مرتضى خان جتوئي پاران ڪافي مرتبه اها ڳالھ واضع رکي آهي ته اهڙي وزارت نه گهرجي جنهن سان عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهون انهي کان بهتر گهر ڀلو آهيان، جڏهن ته ٻئي طرف اهي ڳالهيون ته هلندڙ مهيني جي اندر پ پ ۾ شامل ٿيڻ اعلان ٿي ويندو. هوڏانهن مسلم ليگ ن اڳواڻ ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي ”روزاني جيجل“ پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهي افواهون هلن پيون جيڪي عوام تائين پهچي رهيون اهي ساڳيون اسان تائين به اچي رهيون جن ۾ ڪا به صداقت ناهي هن چيو ته اهي افواهون اڳ ۾ به هلايون ويون هيون جيڪي پاڻ ئي ختم ٿي ويون ۽ هاڻي به اهي افواهون هلي هلي پاڻ ئي ختم ٿي وينديون جڏهن ته ٻئي پاسي ڪجھ باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مسرور احمد جتوئي پ پ ۾ سامل ٿيڻ نه ٿو چاهي جنهن جي ڪري انهي ڳالھ کي افواھ چئي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڪجھ سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته جتوئي بردارس هڪ خانداني شخصيت آهن جيڪي جيڪڏهن پ پ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ها ته اهي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي حياتي ۾ سامل ٿي وڃن ها پر هاڻي اهي ناممڪن آهي جو پ پ ۾ شامل ٿين، هاڻي ڏسجي ته جتوئي خاندان ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو جنهن جي متعلق ماڻهن جون نظرون انهي پاسي کتل آهن. هاڻي ڏسجي ته آخر افواهن وارو ڇڏيل شوشو حقيقت ۾ سامهون اچي ٿو يا هوا جي جهٽڪي ۾ اڏمي وڃي ٿو.