مٺ ڪوٽينٻڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مُٺ ڪوٽينٻڙ:(انگريزي: Muthh Kotenbberr ) هي چڀڙن جو قسم آهي، پر چڀڙن کان وڏا ۽ ڊگها چار انچ کن (مٺ جيڏا) ٿين، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن. وچ ٿلهو، چوٽي ۽ پڇڙيءَ ۾ ڪجهه سنها ٿيندا آهن. هي ٻنين ۾ ٿين. ڪچا کارا هوندا آهن، جنهن ڪري کائڻ جي ڪم ڪو نه اچن، پچڻ بعد ماڻهو کائين، ڀاڄي رڌين، ۽ آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائين، جن کي ”ڏوچلا“ چون. انهن ڏوچلن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين[1].


حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو