مُختلف ڌُرين جو سهڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مڪسڊ ايڪٽر ماڊل (Mixed Actor Model) يا مُختلف ڌُرين جو سهڪار هڪ اصطلاح آهي، جيڪو نامياري اسڪالر، ’اوران ينگ‘ 1972ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ استعمال ڪيو. ”ينگ“ جي خيال مطابق بين الاقوامي تعلقات ۾ يا ٻين گهڻ قومي اهم پاليسين ۾ ڪو هڪ ادارو يا صرف دُنيا جون حڪومتون شامل نه هجن، بلڪ مُختلف خانگي ادارا ۽ حڪومتي گڏجي ڪم ڪن. ينگ جي وضاحت موجب بين الاقوامي لاڳاپن ۾ رڳو حڪومتن جي نمائندگي هجڻ ڪري فيصلا سازيءَ واري فورمن تي سڄي دنيا جي عوام جي نمائندگي نه ٿي، ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جو ادارو پرڏيهي پاليسين کي پنهنجي سمجهه سوچ مطابق استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ترتيب ڏئي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن گهڻا ادارا گڏجي ڪم ڪندا ته انهيءَ جا نتيجا بهتر نڪرندا. ان خيال جي اُبتڙ بين الاقوامي لاڳاپن جا گهڻا ماهر ينگ جي نظريي تي تنقيد ڪن ٿا. انهي جي مطابق ملڪي ۽ غيرملڪي، غيرسرڪاري ۽ فني ۽ ٻيا ادارا بين الاقوامي لاڳاپن جي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار اڳ ئي ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو تمام اهم آهي. انهيءَ حوالي سان مُختلف حُڪومتن جي فيصله ڪُن شرڪت کي نظرانداز ڪرڻ سان وڏا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. پر جنگ جي مضمون منجهان اهو سوال ضرور اڀري ٿو ته ادارن کي بين الاقوامي معاملن ۾ عمل دخل جي ڪيتري حد تائين اجازت آهي؟ گهڻن ادارن جي گهڻ رخي ۽ سگهاري عملدخل جي لاءِ، ”مڪسڊ ايڪٽر ماڊل“ هڪ نئون دروازو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته پاليسي سازيءَ واري عمل ۾ گهڻ رخو ڪردار اداري ۽ نظام جي وسيع جوڙجڪ تي ٻڌل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد