مينهون خان کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مينهون خان کوسو(انگريزي:Menhon Khan Khoso) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو صحافي ۽ ڪهاڻيڪار آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مينهون خان کوسو 1939ع ۾  ڌڱاڻو خان کوسو جي گهر ۾ ڳوٺ چنجاڻي جوهي تعلقو دادو ضلعو ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

مينهون خان کوسو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ گل محمد گنب ۾ حاصل ڪئي. مجبورين سبب وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو.[1]

ادبي ۽ صحافتي خدمتون[سنواريو]

مينهون خان کوسو تر ۾ مينهون خان چنجاڻي طور مشهور آهي. کيس ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ سان لڳاءُ هو. سنڌ جي مشهور شاعر احمد خان مدهوش سان سندس گهڻي رغبت رهي. سندس پٽ زين کوسو پڻ شاعر آهي. مينهون خان 1970ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي جڏهن کان صحافي طور روزانه عبرت اخبار حيدر آباد جو جوهي تعلقي لاءِ پهريون نمائندو پڻ مقرر ٿيو. هن جا ڪيترائي مضمون ۽ ڪهاڻيون  1974ع کان 1978ع تائين روزاني عبرت اخبار جي ادبي صفحي ۽ ايڊيٽوريل صفحي ۾ شايع ٿيل آهن. هن ان سان گڏوگڏ ٻيڙي مزدور طور ڪم ڪندي گذر سفر پڻ ڪندو رهيو. صحافي طور هن پوري ايمانداري سان فرض سر انجام ڏيندو رهيو. اٽڪل 15 سالن تائين روزاني عبرت اخبار جو رپورٽر رهيو ۽ علائقي واسين جي مسئلن جي نمائندگي ڪندو رهيو.  کيس ڳائڻ سان گڏ موسيقيءَ سان پڻ دلچسپي رهي.[2][3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Menhon Khan Khoso". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2022-07-13. 
  2. "Sindh Express News Story". epaper.sindhexpress.com.pk. حاصل ڪيل 2022-07-13. 
  3. "Sindh Express News Story". epaper.sindhexpress.com.pk. حاصل ڪيل 2022-07-13. 
  4. "Sindh Express News Story". epaper.sindhexpress.com.pk. حاصل ڪيل 2022-07-13.