ميردريا خان کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير درياخان کوسو ( 1925 ـ 2006 )

ميرصاحب،ملڪ پاڪستان جو جيڪب آباد سنڌ مان ھڪ نالي وارو قومي سياستدان،سماجي اڳواڻ ۽ قبائلي شخصيت ھو. سندن تعلق بلوچ قوم جي کوسہ قبيلي سان آھي. ميرصاحب جي والد جو نالو مير ميرحسن خان ۽ سندن ڏاڏي جو نالو مير بھادر خان ھو. 1857 ۾ آزادي لاءِ ڪيل جدوجھد جو مجاھد مير دلمراد خان کوسہ (اول) ميرصاحب جو پڙڏاڏو ھو. مرحوم مير سڪندر خان کوسو ، خانصاحب مير شاھل خان ءِ خانبھادر مير دلمراد خان کوسو (دوم) ميرصاحب جن جا چاچا ھيا.خانصاحب سردار خان کوسو ميرصاحب جن جو سئوٽ ءِ سھرو ھو.مُلڪي ءِ علائقائي سياسي ءِ سماجي طرح ميرصاحب ءِ سندن خاندان جو معاشري ۾ گھرو ءِ مضبوط اثر رھيو آھي . ميرصاحب مرحوم نھايت معتبر، شريف النفس ءِ انتھائي قابل احترام شخصيت ھئا. پاڻ 1962 کان 1977 تائين پاڪستان جي قومي اسيمبلي جا ميمبر رھيا. ميرصاحب 4 نومبر 2006 ڇنڇر ڏينھن ڪراچي ۾ وفات ڪري ويا، کين سندن آبائي ڳوٺ ”دين پور“ جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مير ميرحسن خان ، مير شفيق صاحب ، مير فداحسين خان ، ميرطارق حسين ، مير خالدحسين ءِ مير انيس الرحمان خان ميرصاحب جا فرزند آھن. ھن وقت ضلع اندر سياسي طرح متحرڪ شخصيت مير طاھر خان کوسو ميرصاحب مرحوم جو پوٽو آھي.