ميربحر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميربحر، ملاح يا مھاڻا، سنڌ جي قديم ذات آھي، جنھن جو گذران صرف دريائن، ڍَنڍن ۽ ڍورن ۽ سامونڊي ڪنارن تان مڇي مارڻ تي آھي. سنڌي سماج جو اُھو جزو مھاراجا ڏاھر کان به اڳ ۾ سنڌ جي انھن ھنڌن تي آباد ھو. خاص طور تي مغل دور ۾ ھمايون جي حملي کان وٺي اعظم خان جي گورنريءَ تائين سنڌ جي انھيءَ ذات وڏي جدوجھد ڪئي آھي، مير بحرن جي ان جاکوڙ جي جھلڪ تاريخ مظھر شاھجھاني ۽ تاريخ طاھريءَ ۾ ملي ٿي. انھن وٽ تاريخ جي ھر دور ۾ گھر تڙ ۽ ذاتي ملڪيت جي حالت ۾ ھيءُ سامان ھو. ھڪ ٻه ٻيڙيون، رَڇَ، ڪُڙھيون، ڪنڍيون وغيره . اھوئي سامان اڄ به وٽن موجود آھي. [1] [2] [3]

  1. سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-01 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: سنڌي سماج جو جائزو