مومل راڻو (فلم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مومل راڻو
هدايتون سراج الحق
عبد الاحد ۽ معز (اسسٽنٽ ڊاريڪٽر َ)
رچنا شائلجا ڪيجروال
سراج الحق
ڪوپروڊيسڊ وڪاس شرما
ليکڪ سيد ظفر ميران
ستارا
موسيقي قاسم اظھر
ايڊيٽنگ رابيرنجن مائترا
ورهائيندڙ زي5
مهورت زي5
وقت دوران 60 منٽ
ملڪ پاڪستان
ٻولي اردو، سنڌي

مومل راڻو جنھن جو اڳوڻو عنوان آهي محبت ڪي آخري ڪھاني[1] هڪ پاڪستاني مختصر فلم آهي جنھن جو هدايتڪار سراج الحق آهي. ان ۾ احسن خان ۽ صبا قمر مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ظفر معراج ان جو ليکڪ آهي.[2] [3] ھي شارٽ فلم زيل فار يونٽي فيسٽيول جي حصي طور زي ٽي وي پروڊڪشن پاران تيار ڪئي پئي وڃي.[4] [5]

پلاٽ[سنواريو]

مومل راڻو سرمد ۽ نگار جي ڪھاڻي آهي، جيڪي اڄ ڪلھ جا روميو ۽ جوليٽ آھن ۽ ڳوٺ جي حويلي ۾ اڪثر اچي رهيا آهن، جتي اهي ننڍپڻ کان ئي لوڪ ڪھاڻيون پيار جون ڳالھيون ٻڌي رهيا آهن. جڏهن سرمد ۽ نگار گڏجي رهڻ جو فيصلو ڪن ٿا تہ انھن جي پيار کي نہ مڃيو وڃي ٿو ۽ انهن جي مخالفت بہ ڪئي ٿي وڃي. اهو ماڻھن سندن خلاف ٿي وڃن ٿا جن کين پيار جو سبق سيکاريو آهي. آخرڪار، ٻئي هڪ افسوسناڪ قسمت سان ملن ٿا، جيئن انھن کي آنر ڪلنگ (ڪارو ڪاري) جي نالي تي گوليون هڻي ماريو وڃي ٿو. محبت جي آخري ڪھاڻي غيرت جي نالي تي قتل جي اونداهي حقيقت کي بي نقاب ڪري ٿي، جيڪو سرحد جي ٻنھي پاسن تي هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي.[6]

ننڍپڻ جا عاشق سرمد ۽ نگار ننڍي عمر ۾ ئي هڪ ٻئي سان پيار جي رشتي ۾ ٻڌجي ويا، ان حقيقت جي باوجود تہ انھن جي خاندانن جي پاڻ ۾ نہ ٺھڻ جي ھڪ ڊگهي تاريخ آھي.

ڪاسٽ[سنواريو]

ليڊ[سنواريو]

  • صبا قمر بطور نگار
  • احسن خان سرمد

ٻيا ڪردار[سنواريو]

  • سلمان سعيد زمان جي حيثيت ۾
  • زينب جميل راڻي جي روپ ۾
  • اسد قريشي

پروڊڪشن[سنواريو]

فلم جي شروعات ۾ ”محبت جي آخري ڪھاڻي“ جو نالو هو پر ٺاهيندڙن ان کي بدلائي مومل راڻو ڪري ڇڏيو.[7] [8] 16 سالن جي ڪيريئر ۾ سراج الحق وٽ ٽي وي سيريز جھڙوڪ ساري ڀول ھماري ٿي ۽ بنٽي آءِ لو يو، فلمون ۽ دستاويزي فلمون سندس ڪريڊٽ تي آهن. مشھور فلم خاموش پاڻي لاءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن پنھنجي پھرين فيچر فلم، چاندني ٺاهڻ لاءِ قدم اڳتي وڌايو. مومل راڻو جو لکيل آهي ظفر معراج ۽ فلم ڀارت ۾ فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي. [9] احسن خان کي فلم لاءِ مين مرد (ميل) ۽ صبا قمر کي ليڊ فيمل طور چونڊيو ويو آھي. هڪ انٽرويو ۾ صبا ٻڌايو تہ هوءَ هڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪندي.[10]

موسيقي[سنواريو]

موسيقي قاسم اظھر پاران ڏني وئي آهي ۽ او ايس ٽي ليريڪس عظميٰ افتخار جا آهن. جڏهن تہ صوفي شاعري شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي آهي.

حوالا[سنواريو]

ٻاھريان ڳنڍڻا[سنواريو]